پنجاب ۾ انتهاپسندن ۽ غير قانوني پناهه گيرن خلاف سخت آپريشن جو فيصلو

لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ داداگيري، بدمعاشي ۽  مافيا سميت قانون کي چئلينج ڪندڙ سرگرميون برداشت نه ڪرڻ جو عزم ڪندي، رياست جي خلاف بندوق کڻندڙ انتهاپسند ۽ غيرقانوني رهائشين خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. پنجاب جيوزيراعلی مريم نواز جي صدارت هيٺ امن ، امان تي مسلسل ٽيون غيرمعمولي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب حڪومت جي رياستي رٽ ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ غيرمعمولي ۽ تاريخي فيصلا ڪيا ويا،اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب ۾ "لائؤڊ اسپيڪر ايڪٽ” جو نفاذ لازمي ۽ وڌيڪ سخت ڪيو ويندو، ۽ هر ضلعي ۾ "وسل بلور سيل” قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.انتهاپسند جماعتن ۽ غيرقانوني پناهه گيرن جي باري ۾ مددگار 15 تي ڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. پنجاب ۾ امن ڪميٽين کي جاري سڀني آپريشنز ۾ بورڊ تي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انتهاپسندن جي جٿن، تصويرن، پلي ڪارڊن تي بندش هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.