راولپنڊي(ويب ديسڪ) راولپنڊي ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا آساني سان پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان هارائي ٻن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.
پنڊي ٽيسٽ ۾ اڄ راند جي چوٿين ڏينهن جي شروعات کان کان ئي پاڪستاني ٽيم ڏکيائين ۾ جو شڪار رهي ۽ پهرئين سيشن ۾ ئي هڪ ٻئي پٺيان وڪيٽون وڃائڻ لڳي.
چوٿين ڏينهن سڀ کان پهرين وڪيٽ بابر اعظم جي صورت ۾ ڪِري هو 50 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن کانپوءِ ٿوري ئي دير ۾ ٻيا بيٽر به پويلين موٽي ويا ۽ محمد رضوان رڳو 18 رنسون ٺاهي سگهيو.
ان کان پوءِ سلمان علي آغا 28 ۽ ساجد خان 13 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته نعمان علي ۽ شاهين آفريدي کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيا، آصف آفريدي ٻُڙي تي ناٽ آئوٽ رهيو.
اهڙي ريت پاڪستان جي پوري ٽيم ٻي اننگز ۾ 138 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 68 رنسن جو هدف مليو.
ڏکڻ آفريڪا جي سائمن هارمر 6 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڪيشو مهاراج 2 ۽ ڪگيسو ربادا هڪ حاصل ڪئي.
ڏکڻ آفريڪا 68 رنسن جو هدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ٻن ميچن جي سيريز 1-1 سان برابر ڪري ڇڏي.
ڏکڻ آفريڪا جي ٻي اننگز ۾ ايڊم مرڪرم 42 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ٽرسٽن اسٽبز کاتو نه کولي سگهيو، جڏهن ته ريان رڪيلٽن 25 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.
ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشو مهاراج کي مين آف دي ميچ ۽ مٿو سوامي کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
ياد رهي ته پاڪستان پهرئين اننگز ۾ 333 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي، جنهن جي جواب ۾ مهمان ٽيم 404 رنسون ٺاهيون هيون.
You might also like