اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ کي حڪم ڏنو آهي ته سلمان اڪرم راجا جي فهرست ۾ شامل ماڻهن کي عمران خان سان ملاقات ڪرائي وڃي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻ بئنچ عمران خان سان جيل ملاقاتن بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب امجد پرويز، عمران خان جا وڪيل سلمان اڪرم ۽ اڊيالا جيل جو سپرنٽنڊنٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب هڪ رڪني بئنچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو ته جن رولز کي معطل ڪيو ويو، اهي وفاق جا رولز آهن ئي نه، 18هين ترميم کان پوءِ اهي رولز هاڻي پنجاب جا جيل رولز آهن.
سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته اسان جون توهينِ عدالت واريون درخواستون اڄ ٻڌو، خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي ملاقات واري درخواست داخل آهي، 24 مارچ تي ساڳئي لارجربئنچ حڪم ڏنو هو، پر عدالتي حڪم تي هڪ ڏينهن به عمل نه ٿيو.
عمران خان جي وڪيل چيو ته عدالتي فيصلي موجب اسان هر ڀيري نالا جمع ڪرائيندا آهيون پر کين وڃڻ جي اجازت نه ٿي ملي، فهرست ۾ جيڪي نالا موڪليا وڃن ٿا، انهن ۾ ٻاهران ماڻهو شامل ڪيا ويندا آهن.
ان موقعي تي اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان جون باظابطا ملاقاتون ٿينديون رهن ٿيون، سلمان اڪرم راجا طرفان اسان وٽ ڪا فهرست نه آئي آهي.
ان کانپوءِ عدالت سپرنٽنڊنٽ کي حڪم ڏنو ته عمران خان سان ملاقاتن بابت 24 مارچ واري حڪم تي عمل ڪيو وڃي.
عدالت هدايت ڪئي ته سلمان اڪرم راجا جيڪا فهرست ڏيندو، انهن ماڻهن جي عمران خان سان ملاقات ڪرائي وڃي.
عمران خان سان جيل اندر ملاقاتن وارو مامرو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو
You might also like