اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي نئين ڪڻڪ پاليسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ امدادي اگهه مقرر ڪرڻ تي اعتراض واري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، ڪڻڪ پاليسي جي منظوري کانپوءِ آءِ ايم ايف فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت کي خط لکي آگاهه ڪيو ۽ پاليسي جا تفصيل به طلب ڪيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته خوراڪ جي تحفظ واري وزارت آءِ ايم ايف جي اعتراضن جو جواب ڏيندي وضاحت ڪئي ته امدادي اگهه مقرر نه ڪيو ويو آهي، جنهن کي سمجهڻ ۾ غلطي ٿي، آءِ ايم ايف اهو سمجهي اعتراض واريو ته شايد امدادي اگهه فڪس ڪيو ويو آهي، پر آءِ ايم ايف جا خدشا هاڻي ختم ڪري ڇڏيا آهن.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف کي ڏنل جواب ۾ چيو ويو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ امدادي اگهه بدران ”انڊيڪٽو پرائس“ جو تعين ڪيو ويو آهي، جيڪو آمريڪا جي انٽرنيشنل هارڊ ريڊ وِهيٽ جي قيمت کي نظر ۾ رکندي طئي ڪيو ويو آهي.
فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي ذريعن موجب، آمريڪا جي انٽرنيشنل هارڊ ريڊ وِهيٽ جي قيمت في ٽن 238 ڊالر آهي، ان قيمت تي ڪراچي ۾ لئنڊنگ خرچ شامل ڪري حساب لڳايو ويو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي کان ملتان تائين درآمد ڪيل ڪڻڪ جي ٽرانسپورٽ خرچن کي به شامل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ في مڻ قيمت جو ڪاٿو 3500 رپيا لڳايو ويو.
فوڊ وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جا اعتراض وزيراعظم هائوس سان به شيئر ڪيا ويا آهن.
You might also like