اسلام آباد (م ڊ) (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ شاندانا گلزار خلاف نيشنل سائبر ڪرائم انوسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) سوشل ميڊيا پليٽفارم تي رياست مخالف مواد پکڙڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي. اين سي سي آءِ اي پي ٽي آءِ جي قومي اسمبليءَ جي ميمبر شاندانا گلزار خلاف سوشل ميڊيا پليٽ فارم "ايڪس” (اڳوڻي ٽوئٽر) تي رياست مخالف مواد پکيڙڻ جو الزام لڳائي ڪيس نمبر 296/2025 داخل ڪيو آهي. تحقيقات مطابق، شاندانا گلزار ڪيترن ئي جعلي ۽ گمراهه ڪندڙ ٽويٽس ۽ وڊيوز شيئر ڪيون، جن ۾ رياستي ادارن خلاف نفرت ۽ اشتعال انگيز بيان هئا. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته شاندانا گلزار ٽويٽس ذريعي نسلي ۽ لساني نفرت کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ پاڪستان جي وزيراعظم بابت جعلي تصوير ۽ غلط معلومات پکيڙي، هڪ جعلي خبر ۾ ان تي اسرائيلي وزيراعظم سان ملاقات جو الزام لڳايو.