لياري گينگ وار سربراهه عذير بلوچ هڪ ٻئي ڪيس مان بري

ڪراچي (رپورٽر) لياري گينگ وار جو مبينا سربراهه عذير بلوچ هڪ ٻئي ڪيس ۾ به بري ٿي ويو، ڪراچي جي عدالت غيرقانوني هٿيارن جي برآمدگي ۽ سهولتڪاري واري ڪيس ۾ عذير بلوچ کي بيگناهه قرار ڏيندي آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پراسيڪيوشن عذير خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جڊيشل مئجسٽريٽ اولهه ڪراچي جي عدالت 13 سال پراڻي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ عذير بلوچ کي بري ڪيو ويو، بچاءُ واري وڪيل فاروق حيدر چيو ته عذير بلوچ خلاف ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو ويو، هو بيگناهه آهي، تنهن ڪري کيس ڪيس مان بري ڪيو وڃي، پوليس موجب ساٿي جوابدار عبدالغفار بگٽي پنهنجي بيان ۾ عذير بلوچ جو نالو ورتو هو، جنهن جي بنياد تي کيس هن ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.