ڪچي ۾ امن جو واقعي به سج اڀري ٿو؟

                  عوامي آواز ۾ 21 آڪٽوبر تي گهرو کاتو حڪومت سنڌ طرفان هڪ اشتهار  شايع ٿيو آهي ته ” ڪچي ۾ امن جو سج اڀري ٿو، سنڌ حڪومت جي عزم جي فتح، سنڌ پوليس جي اڻٿڪ محنت، قربانين ۽ عوامي حوصلي ڪچي جو علائقو آزاد ڪرايو. صدر پاڪستان  آصف علي زرداري ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي علائقن ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ هڪ تاريخي پاليسي منظور ڪئي آهي جنهن تحت سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ ڌاڙيلن جي رضاڪاراڻي طور هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي اسڪيم جي باقاعدي شروعات ڪئي وئي آهي. ان اشتهار موجب ڪچي جا 50 ڌاڙيل جن  جي سرن جي قيمت مقرر هئي سي رضاڪاراڻي طور هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ 22 آڪٽوبر  تي هڪ پروگرام منعقد ڪيو پيو وڃي جتي وڏي تعداد ۾ ڪچي جا ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويندا. ان سرڪاري اشتهار موجب ڪچي جي اها زمين جيڪا سالن تائين خوف، ڏوهه ۽ بي يقيني جي علامت هئي سا اڄ امن ۽ اميد ۽ استحڪام جي نئين سڃاڻپ بڻجي رهي آهي.“

اهو ته ٿيو اشتهار جيڪو 21 آڪٽوبر 2025 تي روزاني عوامي آواز ۾ شايع ٿيو هو، جنهن کي اسان حڪومت طرفان هڪ اطلاع ۽ خبر طور ڏٺو هو ۽ خوشي جي ڳالهه آهي ته ڪالهه 22 آڪٽوبر تي رپورٽن موجب 50 بدران 72  ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪري پرامن زندگي گذارڻ لاءِ پاڻ کي حڪومت جي آڏو پيش ڪيو. سنڌ حڪومت طرفان ڌاڙيلن جي سرينڊر پاليسي 2025 جي تقريب پوليس لائين شڪارپور ۾ ٿي. ان تقريب ۾ ڌاڙيلن جا جمع ڪرايل جديد هٿيار به رکيا ويا جن ۾ ڪلاشنڪوف، راڪيٽ لانچر، اينٽي ڪرافٽ گن سميت سميت ٻيا به جديد هٿيار شامل هيا. هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن جي سرن جي قيمت 6 ڪروڙ رپين کان مٿي هئي. ڌاڙيلن جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري ان تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو ته پوليس ۽ رينجرز کي پاليسي ڏني وئي  آهي ته علائقي ۾ امن هجي، ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪن ۽ اهو ڪم برادرين جي چڱن مڙسن بنا ممڪن نه هو. هاڻي ڌاڙيلن کي سٺو شهري بڻجڻ جو موقعو ملندو . ساڻن قانون موجب ورتاءُ ڪيو ويندو. گهرو وزير اهو به چيو ته سنڌ حڪومت ڪچي جي ماڻهن کي نوڪريون ۽ بي انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪارڊ، ٻارن جي تعليم لاءِ ڪچي مان رستو ٺاهڻ جو پڻ ارادو رکي ٿي. جڏهن ته آءِ جي سنڌ چيو ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي پر گهوٽڪي جو ڪچي جو علائقو اڃان تائين ڪليئر ناهي ٿيو.

ان کان اڳ ٽيون ڏينهن ئي عوامي آواز ۾ هڪ رپورٽر شايع ٿي هئي سنڌ جو گهرو وزير ضياءَ  الحسن ضيار لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي دوري تي آهي جنهن جو مقصد اهو آهي ته  پهريون ڀيرو ڪچي جا ڌاڙيل پڪي ۾ اچي هٿيار ڦٽا ڪندا. ڌاڙيلن جو هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري اڳڀرائي کان پوءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪچي جا 300 ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪرڻ بابت سنڌ سرڪار سان رابطي ۾ آهن. ان ڏس ۾ پهرين مرحلي ۾ هٿيار ڦٽا ڪندڙ  سندن ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا ويندا ۽ حقيقي ڪيسن کي منهن ڏيارڻ ۾ سندن مدد ڪئي ويندي. جيستائين ڌاڙيلن جو ڪيس هلندو تيستائين سندن گهر ڀاتين جي مالي مدد پڻ حڪومت ڪري سگهي ٿي جنهنجو اعلان متوقع آهي. اهڙي ريت کيس پرامن زندگي گذارڻ جو موقعو ڏنو ويندو. جيڪڏهن 300 ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪندا ته اها سنڌ ۾ امن ڏانهن وڏي اڳڀرائي ثابت ٿيندي.

اصل ۾ ڏسجي ته اسان جي سماج اندر ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ بابت ٻه اسڪول آف ٿاٽ رهيا آهن. هڪ موقف هميشه اهو رهيو آهي ته ڏوهارين سان سختي سان قانون موجب ورتاءُ ڪيو وڃي، کين ڏوهه جي مقرر سزا ملڻ گهرجي جڏهن ته ٻيو موقف اهو رهيو آهي ته ڏوهارين کي ختم ڪرڻ بدران ڏوهن کي ختم ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي ۽ ايئن جيلن کي اصلاح جو گهر بڻايو وڃي بجاءِ ان جي ته انهن کي سزائن جو مرڪز بڻائجي. هونئن ته اسان اهو به سمجهندا آهيون ته جيڪڏهن قانون کي حقيقي معنيٰ ۽ درست رخ ۾ ڪتب آڻجي، گڊ گورننس هجي ته 24 ڪلاڪن اندر ئي لاقانونيت ختم ٿي سگهي ٿي پر پوءِ به جيڪڏهن بدامني موجود هجي ته پوءِ اهي شڪ شبها پيدا ٿيندا آهن ته حڪومت ۽ مقامي انتظاميا اصل ۾ ڏوهارين ۽ بدي جي طاقتن جو خاتمو ئي نه ٿي چاهي ۽ اهي سڀ حڪومتي عنصر ڏوهارين، دهشت گردن ۽ ڌاڙيلن سان مليل آهن.

 بهرحال  ڪجهه به هجي حقيقت اها آهي ته لڳاتار چار حڪومتون ڪرڻ باوجود جڏهن ڌاڙيلن کي ناس ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ته ان صورت ۾ اها پاليسي ڪافي بهتر نظر اچي رهي آهي جنهن تحت ڌاڙيلن کي پرامن زندگي گذارڻ جو هڪ موقعو ڏنو پيو وڃي. اها پاليسي ڌاڙيلن هٿان آڻ مڃڻ بلڪل به ناهي پر انسانيت ناتي هڪ سٺي اڳڀرائي آهي. ٻيو ته هر مسئلي جو حل طاقت ۽ سزا به ناهي هوندي. پر جيڪڏهن طاقت ۽ سزا جو فائدو نه ٿيندو هجي ته پوءِ ٻئي آپشن تي سوچڻ به ضروري هوندو آهي. سنڌ حڪومت طرفان ڌاڙيلن کي هٿيار ڦٽا ڪري پرامن زندگي گذارڻ جو جيڪو موقعو ڏنو ويو آهي تنهن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ پهرين مرحلي ۾ ڪالهه 72 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪري پرامن زندگي گذارڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي تنهن جي اسان آجيان ڪيون ٿا.

ان کان اڳ ۾  هيل ڪچي ۾ جيڪا ٻوڏ آئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ به ڪچو خالي ٿي ويو هو ته اسان تڏهن به ايڊيٽوريل ۾ اها تجويز ڏني هئي ته هاڻي ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي وري واپس وڃڻ نه ڏنو وڃي يعني ان موقعي مان حڪومت فائدو وٺي. سو اهو به ممڪن آهي ته ڌاڙيلن ان ڪري به هٿيار ڦٽا ڪيا هجن.

 بهرحال هيءَ ڪنهن جي به شڪست ۽ فتح ناهي پر جيڪڏهن فتح آهي ته عوام جي آهي جنهن جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جو اولين فرض هوندو آهي. سو اميد ڪجي ٿي ته ڪچي ۾ هاڻي بقول حڪومت  جي واقعي به امن جو سج اڀرندو هونئن به چيو ويندو آهي ته رات ڪيڏي به ڊگهي ڇو نه هجي صبح نيٺ ٿيڻو هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.