سنڌ ۾ وڌندڙ خوني تڪرار

تحرير:مظهر خاصخيلي

ڪجهه ڏينهن جون  اخبارون کڻي پڙهو اوهان کي سنڌ اندر ڪنهن نه ڪنهن ضلعي ۾سر عام هٿيارن جي نمائش ڪري ڪنهن نه ڪنهن جيجل جي پٽ جا ڌي کي سري عام گوليو ن هڻي قتل ڪيو ٿو وڃي ۽ سندس جهولي کي اجاڙيو پيووڃي ڏک ۽ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته هتي مرندڙ به پنهنجو آهي  ته ان  کي ماريندڙ به پنهنجا  آهن ۽ جهڙي طرح سنڌ ۾ گهر گهر کي ويڙهايو ويو آهيسنڌ اندر هن وقت حڪومت ۾ ويٺل پ پ جنهن کي لاڳيتو سنڌ مٿان حڪومت ڪندي 17 سالن جو عرصو گزري ويو آهي . اهاپ پ به سنڌ اندر پوليس کاتي مان سياسي مداخلت کي ختم ڪرائي ناهي سگهي پر سنڌ ۾ پوليس کاتي کي حڪومت جي بي ٽيم بڻائي ڇڏيو آهي ان ڪري سنڌ جي پوليس کاتي ۾ ويٺل بهتر پوليس آفيسر ڪم ڪرڻ بجاءِ خاموش ويهي رهيا آهن ۽ انهن کي ڪٿي پوسٽنگ ان لاءِ ناهي ملندي ته هو موجوده حڪومت جي چوڻ تي ڀوتارن جي لاءِ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪندا آهن اهڙاسٺا پوليس آفيسر سائيڊ تي ويهاري وڏيرن ۽ اڻپڙهيل چونڊيل نمائدن جي رحم ڪرم تي هلندڙ نااهل پوليس آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي ان لاءِ پاڻ  جيڪڏهن صرف ٻن مهينن اندر اخبارون کڻي اڳيان رکي سنڌ اندر برادري جهيڙن ۾ مارجي ويلن جي انگن اکرن کي گڏ ڪنداسين ته اسان جي اڳيان جيڪي انگ اکر ايندا انهن کي پڙهي ۽ ڏسي ڏندي آڱريون اچي وينديون ته هيءُ جيڪو ڪجهه هن وقت سنڌ اندر ڪلور ٿي رهيو آهي . جنهن ڪري هن وقت سنڌ جي واهڻ ،وستين،ڳوٺن،شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجي پاڻ کي مڪمل طور تي غيرمحفوط سمجهي رهيا آهن .۽ سموري سنڌ اندر اهڙي صورت حال پيدا ٿي وئي آهي. ۽ دل اها ڳالهه تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. جيڪو ڪجهه ڪراچي کان ڪشمور تائين ائين سري عام مسڪين ماڻهن مٿان ظلم ٿي رهيو آهي. ان کي لاقانونيت نٿو چئي سگهجي جو ڏاڍ ڪندڙن جي اڳيان قانون ۽ ان جا محافظ به ويچارا ۽ بيوس بڻيل آهن جنهن ڪري سنڌ اندر وڏيرا مير پير يوسن جا چيئرمين مسڪين ماڻهن مٿان ظلم جا نوان نوان داستان لکي رهيا آهن انهن کي ڪير جهلڻ وارو ناهي سر عام هٿيار بند نڪرن ٿا سون جي تعداد ۾ هٿن ۾ هٿيار کڻي فائرنگ ڪندا ماڻهون مارن ٿا گهرڊاهن ٿا زمينن تي قبضا ڪن ٿا انهن کي موبائلن ۾ رڪارڊ ڪري ڏيکاريو وڃي ٿو پوءِ به پوليس انهن جي خلاف قدم نٿي کڻي پر جيڪڏهن اهڙن تر جي داداگيرن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي لاءِ ڪنهن پنهنجو بچاءُ ڪندي هٿن ۾ هٿيارکڻي انهن جي رستا روڪ ڪئي ته پوءِ اها ساڳي پوليس انهن جي لاءِ ڌرتي ٽاموڪري ڇڏيندي ۽ انهن جا گهر ايئن ڊاٿا ويندا آهن ڄڻ هنن وڏا ڏوهه ڪيا هجن اهو سڀ ڪجهه اسان جي هن سنڌ ۾ سر عام ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾  پوليس جي ڪارڪردگي زيرو آهي ،جيڪڏهن سنڌ ۾ موجودهه پ پ جي حڪومت کي  پوليس کاتي کي صرف پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻو آهي ۽ پوليس صرف ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترن مير پير وڏيرن جاگيردارن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ آهي ته پوءِ هيءُ جيڪو ڊامو جمهوريت جو ڪيو ٿو وڃي اهو هاڻي بند ٿئڻ گهرجي هي سڀ ڪجهه سنڌ ۾ ڪالهه آمربڻيل ضياءُ ۽ مشرف جهڙا حڪمران به ڪندا هئا ته جمهوريت جون ڳالهيون ڪندڙ پ پ وار به ڪري رهيا آهن آخر ڪيستائين  ماڻهون پنهنجي پيارن جي لاشن کي ائين ڪلها ڏيندا رهندا ۽ هوءَ به پنهنجن جي موت جو احساس ان کي ٿيندوآ جنهن ڪڏهن پنهنجي ڪلهن تي ڪنهن پنهنجي پياري  جو لاش کڻي ان کي مقام تائين پهچائي پنهنجي لتن سان لٽيو هوندو ان وٽ اهي احساس هوندا ان کي خبر هوندي ته جن جي مرڻ جي مد ناهي ٿيندي انهن کي جڏهن سري عام گوليون هڻي تڙپائي تڙپائي ماريو ويندو آهي. ڪڏهن غيرت جي نالي تي ته وري ڪڏهن برادرين جي جهيڙن جي آڙ ۾ ته وري ڪڏهن زمين تي قبضي جو جواز ڄاڻائي ته وري ڪڏهن پيسن عيوض ڪوڙي سازش تحت سوين اهڙن نوجوانن کي ترجا جاهل وڏيرا مارائي ڇڏيندا آهن جن مان هنن کي خوف ٿيندو آهي جا وري هو پنهنجي برادري سميت آس پاس جي مسڪين ماڻهن جو آواز بڻجندا آهن اهڙن سنڌ جي هيرن  ۽ خوبصورت چهرن کي هميشه موت جي ننڊ سمهاريو ويندو آهي. انهن گهرن ،ويڙهن،ڳوٺن جون خوشيون موڪلائي وينديون آهن جتان ميندي لڳڻ کان پهريان ۽ موڙهون ٻڌڻ کان اول اهڙن گهوٽ پٽن جا لاش کڄڻدا آهن جن جي مرڻ جي مد ناهي هوندي سچ پڇو اتي خوشي جو تصور به ناهي هوندو انهن گهرن اندر ٻارهان مهينا تڏو وڇايال هوندو آهي. ۽ هن وقت لطيف،سچل ،سامي،بيدل جي سنڌ ۾ سوين  اهڙا گهر آهن جتان خوشيون موڪلائي ويون آهن. انهن گهر اندر ڪهڙو ماحول آهي انهن جي ڏکن دردن واري ڪيفيت جي ڳالهه هتي ڪجهه لفظن۽ پنن تي  نٿي لکي سگهجي ۽ اهو سچ آهي. هن وقت سنڌ اندر جهڙي طرح برادري جهيڙن جهڳڙن ۾ تيزي اچي وئي آهي. ان جي اصل ذميواري سنڌ اندر پوليس کاتي کي مڪمل سياسي ڀوتارن ،ميرن،پيرن جي حوالي ڪندڙ حڪمرانن مٿان آهي. ان ڪري سنڌ جي سمورن سياسي ڌرين ۽ سنڌ ۾ رهندڙ براڌرين اندر موجود لکيل پڙهيل نوجوان ۽ باشعور فردن کي اڳتي اچي سنڌ ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ سان گڏ براڌري جهيڙن جهڳن کي روڪائڻ جي لاءِ پنهنجو قردار ادا ڪرڻ گهرجي انهن کي سنڌ جي سياسي پارٽين سان ملاقاتون ڪري سموري سنڌ اندر وڌندڙ برادري جهيڙن جهڳڙن کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي باقي جيڪڏهن هنن نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي رحم ڪرم تي پنهنجي امن پيار واري ڌرتي کي ڇڏي ڏبو ته هيءُ کيس جهنم بڻائي ڇڏيندا ۽ جهڙي طرح صرف 22 تاريخ جي اخبارن ۾ پڙهڻ لاءِ 30 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي قتل جون خبرون ڇپيل آهن انهن خبرن ۾ هڪڙي دل کي رت جا ڳوڙها رواريندڙ خبر خيرپر جي شهر جي ان عورت جي آهي جنهن مڙس سميت چار ٻارڙن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو پاڻ کي به ماري ڇڏيو آهي . هيءُ صرف هڪ خبر ناهي پر اسان جو سمورو معاشرو هاڻي ان جاءِ تي پهچي ويو آ جتان سهپ ختم ٿي وئي آهي. هن کان وڌيڪ ڪهڙي قيامت ٿيندي جو امڙ پنهنجي انهن معصوم ٻارڙن کي زهر ڏئي ان کان پوءِ گوليون هڻي قتل ڪري ٿي ڇڏي ڇا سمورو ڏوهه ان اڪيلي عورت جي مٿان وجهي اسان سڀ خاموش ٿي ويهڻ وارو اهو پنهنجو عمل هن دفعي به جاري رکنداسين جئين سالن کان وٺي ائين ڪندا ٿا اچئون ۽ اسان جي موجود سنڌ حڪومت جا اهي وزير جن مان  مرڻ جو خوف ختم ٿي ويو آهي جا هو سمجهن ٿا هنن کان ڪيتر حساب ڪتاب هتي نٿو وٺي ته مرڻ کان پوءِ به ڪير حساب ڪتاب ڪون ڪندو ان لاءِ هي اچي اهي بيان ڏين ٿا ته هن واقعي تي کين تڪليف ۽ ڏک پهتو آهي واقعي جي جاچ ڪرائيندا ۽ جاچ جي لاءِ ان ساڳي سسٽم ۾ هلندڙ ڪنهن پوليس آفيسر کي مقرر ڪري پريس رليز جاري ڪري پنهنجو فرض نڀائڻ وارو ڪم خير پور ۾ پيش آيل واقعي تي به ڏئي چڪا آهن.

 ان ڪري هاڻي سنڌ حڪومت کي اکيون کولي موجود معاشري کي ڏسڻ گهرجي ۽ پنهنجي حڪمراني واري طور طريقي کي سوچي سمجهي مٽائڻ گهرجي ڪٿي ائين نه ٿئي جو اڄ مسڪين پورهيت غريب بيوث ماڻهن جا ڪلها پنهنجن پيارن جا لاش کڻي کڻي جواب ڏئي نه ويهن ۽ سنڌ اندر ڪو اهڙو خوني انقلاب نه اچي وڃي جنهن سان گڏ حڪمران ۽ غلط حڪمراني ڪرائيندڙ به لڙهي وڃن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.