ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر راشد لطيف چيو آهي ته هتي مفت ۾ ڪو به متعارف ناهي ٿيندو، سڀ استعمال ٿيندا آهن.
هڪ ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هتي ٽيم ڌڙابنديءَ کانسواءِ ٺهي ئي نه ٿي سگهي، جڏهن مان ڪپتان بڻيس ته تڏوهڪي پي سي بي چيئرمين جنرل (ر) توقير ضياءَ کي پرچائڻو پيو، ڇو ته ٻين کي ڊيڄارڻو هو، هتي هر ڪوئي استعمال ٿيندو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته هاڻي به سڀ رانديگر استعمال ٿي رهيا آهن، اِها پوءِ خبر پوندي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه رانديگرن کي چيو به هو ته پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني نه قبوليو، توهان کي استعمال ڪيو پيو وڃي، توهان کي کڻي اُڇلائيندا جيئن گذريل رات ڦٽو ڪيو ويو.
راشد لطيف چيو ته عبدالله شفيق مسلسل کيڏي رهيو آهي، ان تي ڪير نه ٿو ڳالهائي، رڳو ٻن رانديگرن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، شان مسعود کي بچايو پيو وڃي ۽ واضح نظر اچي رهيو آهي ته هتي پسند نا پسند آهي.
هن چيو ته جنهن رانديگر جي ٽيم ۾ جاءِ نه ٿي ٺهي، اُن کي ڪپتان بڻايو وڃي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته مان ڪنهن به پي سي بي چيئرمين مان مطمئن ناهيان ٿيو، اِهي سڀ مهرا آهن. سلمان علي آغا کي ون ڊي ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ گهرجي ها ۽ شاهين کي ٽي ٽوئنٽي جون واڳون ڏيجن ها.
You might also like