حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌين نيشنل ڪانگريس جي سينٽرل ڪاميٽيءَ جي اهم گڏجاڻي مرڪزي چيف آرگنائيزر محب آزاد جي صدارت ۾ حيدرآباد ۾ ٿي گُذري، جنهن ۾ تنظيم سازي ۽ اڳتي جي حڪمت عملي، ڪارڪردگي رپورٽ، اليڪشن ڪميٽي جوڙڻ ۽ يونٽ کان مرڪز تائين اليڪشن ڪرائڻ، تنقيد خود تنقيد جي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.
گڏجاڻيءَ ۾ مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر سارنگ جويي، مرڪزي آرگنائيزر محسن سولنگي، سھڻي جويو، اعزاز لغاري سميت سينٽرل ڪاميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي، مرڪزي ڪارڪردگي رپورٽ سارنگ جويي پيش ڪئي، جنھن کانپوءِ ٻين ايجنڊائن تي تفصيلن ڳالھه ٻولهه ڪئي وئي ۽ گڏيل طور تي فيصلا ويا.
ڪارپوريٽ فارمنگ، غير قانوني ڪينالن خلاف، معدنيات ۽ وسيلن مان ملندڙ پيسو مقامي ماڻهن تي خرچ ڪرڻ، سارين جو اگهه وڌائڻ لاءِ سجاول کان گولاڙچي تائين ٽن ڏينهن جو ”سنڌ بچايو مارچ“ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ٿيندڙ قبضي، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ بنيادي مسئلن تي پمفليٽ ڇپرائي مارچ دوران ورهايا ويندا.
ڪارڪنن جي سياسي، فڪري ۽ نظرياتي تعليم تربيت لاءِ پھرئين مرحلي ۾ ”رھبر نامو“ ڪتاب کي ڪورس طور منظور ڪيو ويو ۽ ٻئي مرحلي جي ڪورس جي تياري لاءِ پڻ مرڪزي باڊي جي دوستن ۽ سينٽرل ڪاميٽي جي دوستن کي ذميواري ڏني وئي، جڏهن ته تنظيم جو ترجمان رسالو پڻ جلد ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سنڌين نيشنل ڪانگريس جي سمورن ضلعن ۽ مرڪزي باڊي جي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته افغانين سميت سنڌ ۾ رهندڙ ٻين ڌارين جي نيڪالي جو مطالبو ڪندي احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو پڻ فيلصو ڪيو ويو.
You might also like