سياسي ڇڪتاڻ سبب اسٽيبلشمينٽ مريم نواز کان ناراض، حمايت تان هٿ کڻي ڇڏيو؟

لاهور (امداد سومرو) پاڪستان جي سياسي ميدان ۾ نئون طوفان اڀري آيو آهي، جتي هڪ وڏي دعويٰ سامهون آئي آهي ته مبينا طور تي اسٽيبلشمينٽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان ناراض آهي ۽ هنن پنهنجو هٿ مريم نواز جي مٿي تان هٽائي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب، مريم نواز ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وچ ۾ وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ، گڏوگڏ وفاقي حڪومت سان پنجاب حڪومت جو سهڪار نه ڪرڻ، مبينا طور تي ناراضگي جو سبب بڻيو آهي. رپورٽن موجب، اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ نظام جو تسلسل جاري رهي، جڏهن ته مريم نواز پاران سياسي ڇڪتاڻ کي اڳتي وڌائڻ تي سخت ناراضگي ظاهر ڪئي وئي آهي. محسن بيگ نالي صحافي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پنجاب ۾ ٿيندڙ پوليس مقابلا، خاص طور تي طيفي بٽ واري واقعي کان پوءِ، اسٽيبلشمينٽ نه رڳو ناراض آهي پر پاڻ کي ان عمل کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي. محسن بيگ جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شايد ان کان اڻڄاڻ هجي پر پنجاب ۾ ٿيندڙ فيصلا مريم نواز پاڻ ڪري رهي آهي، ۽ اسٽيبلشمينٽ ان معاملن ۾ شامل نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته ته مريم نواز جي حڪومت يا ته مستقبل ۾ عدالتن کي منهن ڏيندي يا ڪجهه ماڻهو ملڪ کان ٻاهر هوندا. جيڪڏهن واقعي مريم نواز سان اسٽيبلشمينٽ جو لاڳاپو ڪمزور ٿيو آهي، ته اهو سندس لاءِ عوامي مقبوليت ۾ واڌ جو سبب به بڻجي سگهي ٿو، ڇو ته پاڪستان جي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت اڪثر عوامي همدردي پيدا ڪندي آهي. جيڪڏهن مريم نواز سان اسٽيبلشمينٽ جو سهڪار نه هوندو ته جيڪو به هو ڪري رهي آهي ان جو ڪريڊٽ مڪمل مريم نواز کي ملندو. ٻئي طرف حڪومت جا قريب ذريعا چون ٿا ته مريم نواز جي ڪارڪردگي انتظامي سطح تي تسليم ڪئي پئي وڃي، پر سياسي تڪرارن جي ڪري لاڳاپا تنگ ضرور ٿيا آهن. خيال رهي ته تازو پنجاب ۾ ٿيندڙ مبينا پوليس مقابلا، طيفي بٽ جي قتل جو معاملو، ۽ پ پ  سان ڇڪتاڻ سياسي منظرنامي کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 22 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.