ڪچي جي 300 ڌاڙيلن جو هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطو؟

ڪراچي (ارباب چانڊيو) سنڌ جو گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي دوري تي آهي، ان جو مقصد اهو آهي ته پهريون ڀيرو ڪچي جا ڌاڙيل پڪي ۾ اچي رهيا آهن. ڌاڙيلن جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ بابت پاليسي کانپوءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻن ڏينهن ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، ڪچي جا 300 ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪرڻ بابت سنڌ سرڪار سان رابطي ۾ آهن. گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ان ئي سلسلي ۾ دورو ڪري رهيو آهي. گهرو وزير انتظاميا کان بريفنگ وٺندو ۽ پهرئين مرحلي ۾ هٿيار ڦٽا ڪندڙ 100 ڌاڙيلن کي ميڊيا سامهون آندو ويندو. ڌاڙيلن خلاف ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا ويندا ۽ هو حقيقي ڪيسن کي منهن ڏيندا. ان سلسلي ۾ جيستائين ڏوهارين جو ٽرائل هلندو تيستائين سندن گهرڀاتين جي مالي مدد لاءِ پڻ حڪومت پاران ڪو اعلان ڪري سگهجي ٿو. اهڙي ريت کين پرامن زندگي گذارڻ جو موقعو ڏنو ويندو. جيڪڏهن 300 ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪندا ته اها سنڌ ۾ امن ڏانهن وڏي اڳڀرائي ثابت ٿيندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 22 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.