مريم نواز جي پاليسين سبب پنجاب ۾ اٽي جو بحران، هارين کي نقصان

لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته وزيراعليٰ مريم نواز جي ڪڻڪ پاليسي تي سخت تنقيد جاري آهي. زرعي ماهرن موجب، حڪومت پاران ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري ختم ڪرڻ ۽ آزاد منڊي جو نظام متعارف ڪرائڻ سان هارين کي وڏو نقصان پهتو آهي. ٻج، ڀاڻ ۽ ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن سان گڏ مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جا اگهه ڪري پيا، جنهن سبب هزارين هاري پوکي ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا. نتيجي طور، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 8 سيڪڙو گهٽتائي ٿي ۽ صوبي ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيو. پنجاب حڪومت طرفان ڪڻڪ جي بين الصوبائي ترسيل روڪڻ تي وفاق ۽ خيبر پختونخوا سان ڇڪتاڻ وڌي وئي، جڏهن ته فلور ملز مالڪن احتجاج ڪيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته مريم نواز جي پاليسي نه رڳو زرعي معيشت کي متاثر ڪيو آهي، پر صوبي کي خوراڪ جي خودڪفالت مان به محروم ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي وفاقي حڪومت نئين قومي ڪڻڪ پاليسي تحت 3 هزار 500 رپيا في مڻ خريداري قيمت ۽ 6.2 ملين ٽن جي اسٽريٽجڪ ريزرو جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته صوبن کي آزاد واپار ۾ رنڊڪ وجهڻ کان روڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.