اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ في يونٽ 7 رپيا 60 پئسا گهٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي مالي سال 2024 کان 2030 تائين ملٽي ايئر ٽيرف جي نظرثاني لاءِ درخواستن تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل فيصلي موجب، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي سراسري ٽيرف 39.97 رپيا في يونٽ مان گهٽائي 32.37 رپيا في يونٽ مقرر ڪيو آهي.
نيپرا جي عملدارن چيو آهي ته ”رائيٽ آف ڪليمز“ بابت نيپرا جو اڳوڻو فيصلو برقرار آهي، جڏهن ته هي فيصلو ڪي اليڪٽرڪ جي جنريشن، ٽرانسميشن، ڊسٽريبيوشن ۽ سپلائي سان لاڳاپيل آهي.
نيپرا جي فيصلي موجب، ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ في يونٽ 7 رپيا 60 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پر ”رائيٽ آف ڪليمز“ جي مد ۾ واهپيدارن تي 50 ارب روپين جو ٻوجهه برقرار رکيو ويو آهي.
ٻئي پاسي ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو آهي ته نيپرا جي فيصلي جو تفصيلي جائزو وٺي رهيا آهيون، فيصلو ڪي اليڪٽرڪ جي جنريشن، ٽرانسميشن، ڊسٽريبيوشن ۽ سپلائي بزنس جي ڪيترن ئي پاسن تي ٻڌل آهي ۽ ڪمپني ان سلسلي ۾ سڀني قانوني اختيارن جو استعمال ڪندي.
You might also like