رستم ڀرسان مهر برادري ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 3 نوجوان ۽ هڪ عورت قتل

لکي غلام شاھ/ شڪارپور (رپورٽ: نديم جان مهر/ ذوالفقار مگسي)رستم لڳ مهر برادري جي ٻن ڌرين پراڻي تڪرار تان جهيڙو، ڌرين جي فائرنگ ۾ ٽي نوجوان قتل ۽ هڪ عورت قتل ٿي وئي،  آباد ميلاڻي ايٽ محمد آباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عامل مھر ۾ ٻن سئوٽن نيڪ محمد مھر گداڻي ۽ علي محمد مھر گداڻي جي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ دوران ھڪئي ڌر علي محمد مھر گداڻي ڌر جا ٻه نوجوان غلام سرور پٽ محمد حاتم مھر گداڻي ۽ راھب مھر گداڻي قتل ٿي ويا، واقعي بعد ذريعن موجب ھڪ ڌر جي ماڻھن آباد ميلاڻي ٿاڻي جي قائم پراڻي عمارت تي چڙھي مخالف ڌر کي نشانو بڻائي فائرنگ ڪئي ته نيڪ محمد مھر جي ڌر جو به ھڪ نوجوان اعتبار پٽ جمال الدين مھر موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏھن ته مقتول جو پيءُ جمال الدين، ماءُ ببيل مھر، ڀاڄائي فاطمه زال عبدالڪريم گداڻي مھر ۽ عبدالڪريم مھر جي نياڻي شھنيلا علي مھر پيرل مھر سندس پٽ نينگر شوڪت علي گداڻي مھر زخمي ٿي پيا، جڏھن ته علي محمد گداڻي مھر واري ڌر جا به ھڪ نوجوان عبدالشڪور گداڻي مھر ڀيڻ سميت زخمي ٿي پيو، واقعو تقريبن صبح جو 7 وڳي پيش آيو، ڌرين ۾ ڏينھن جو ڏيڍ وڳي تائين فائرنگ ھلندڙ رھي جنھن بعد ڊي ايس پي لکي غلام شاھ جي اڳواڻي ۾ پوليس وڏا اٽالا ساڻ ڪري علائقي جي چڱن مڙسن معرفت واقعي واري ھنڌ پھچي ڌرين جو جھيڙو بند ڪرايو، ان کان پھريان جھيڙيندڙ ٻنھي ڌرين پاران جھيڙي دوران قتل ٿيل ٽنھي نوجوانن ۽ عورتن سميت زخمي ٿيل سڀني ڳوٺاڻن کي لوڊر رڪشن ذريعي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ھو، واقعي بعد علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، جتان لکي غلام شاھ ۽ چڪ مان ٽنھي مقتولن جا مڙھ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته ذريعن موجب جهيڙي ۾ زخمي ٿيل عورت اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، مارجي ويلن جو انگ چار ٿي ويو، ياد رھي ته چار مھينا اڳ علي محمد مھر جي ڌر پاران ٻيلي کاتي جي زمين جي مالڪي تان نيڪ محمد مھر جي ڌر جي نوجوان واجد پٽ غوث بخش مھر کي قتل ڪيو ھو، جنھن سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ھلندڙ ھئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.