بلاول کي محسن نقوي، وزيراعظم جو پيغام پهچائي ڇڏيو

ڪراچي/اسلام آباد(رپورٽر+حسن ايوب ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته موجوده نظام پيپلز پارٽي کانسواءِ نٿو هلي سگهي، ۽ بلاول سان ملاقات ۾ پيپلز پارٽي کي هڪ اهم اتحادي قرار ڏنو ويو. مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ اختلافن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. محسن نقوي چيو ته باهمي دوست چاهين ٿا ته ڪو به اختلاف نه هجي. بلاول هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ سياسي صورتحال ۽ امن امان تي به بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ جاري اختلافن تي به بحث ڪيو ويو. ذريعن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جو پيغام خاص طور تي بلاول ڀٽو زرداري تائين پهچايو ويو.محسن نقوي چيو ته ٻئي اتحادي سياسي ماحول کي ٿڌو رکن ۽ سياسي ڇڪتاڻ نه وڌائي وڃي،جڏهن ته ن ليگ به پنهنجي اڳواڻن کي ڪنٽرول ڪندي ته جيئن سيز فائر برقرار رهي،محسن نقوي پ پ چيئرمين کي ملڪ جي داخلي سلامتي ۽ امن جي قيام لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو،بلاول ڀٽو زرداري گهرو سيڪيورٽي جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو،ان موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته موجوده چئلينجن جو مقابلو اتحاد ۽ اتفاق سان ئي ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي 27هين ترميم لاءِ راهه هموار ڪرڻ جو ٽاسڪ مليل آهي،26هين ترميم جي منظوري ۾ به محسن نقوي جو اهم ڪردار رهيو آهي،ڪراچي ۾ وفاقي گهرو وزير جي بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات به 27هين آئيني ترميم لاءِ ٿيندڙ ڪوششن جو  تسلسل آهي،ان ترميم ۾ اين ايف سي ايوارڊ بابت اهڙو فارمولو طئي ڪيو ويندو جيڪو چئني صوبن لاءِ قابل قبول هجي، محسن نقوي ان سلسلي ۾ مولانا فضل الرحمان سان به رابطي ۾ آهي،نومبر جو مهينو اهم قرار ڏنو پيو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.