گهوٽڪي(رپورٽ: آزاد مهر)گهوٽڪي مان وڪيل جي اغوا ڄاڻايل ڌيءَ واري معامري تي ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيل برادري جي پريس ڪانفرنس نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻي جو اعلان فورن نياڻي کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اغوا ڄاڻايل نياڻي ارم گهوٽو جو وڊيو بيان به سامهون اچي ويو، مرضي سان پرڻي جو بيان ڏئي ڇڏيو، وڪيل جذباتي ٿي ويا، نيشنل هاءِ وي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، گهوٽڪي جي سينيئر وڪيل عبيدالله گهوٽو جي اغوا ڄاڻايل ڌيءَ ارم جي آزادي لاءِ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن ايڊووڪيٽ شاهنواز وسير، لعل بخش گهوٽو، علي اصغر پنهيار ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس بااثرن جي وانگارو بڻجي وئي آهي، گذريل ٻن ڏينهن کان وڪيل برادري سراپا احتجاج بڻيل آهي پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سردار شهريار خان شر، ڄام مهتاب خان ڏهر جي ڪيس ۾ وڪيل ٿيڻ تي وڪيل عبيدالله گهوٽو کي ڌمڪيون ڏنيون هيون ان ڪري ئي نياڻي کي اغوا ڪرايو ويو آهي جنهن جي اسين مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته نياڻي کي اغوا ڪندڙ جوابدار بااثر جو فرنٽ مين آهي جنهن سان هو رابطو ۾ هو واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته اڄ نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو، ڌرڻو نياڻي ارم گهوٽو جي آزادي تائين جاري رهندو، ٻئي پاسي وڪيل شهريار شر ۽ امتياز شر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ٿاڻي تي پڻ پهتا، ياد رهي ته گذريل رات ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين وڪيل برادري پاران ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو هو جنهن سبب ايس ايڇ اي ٿاڻي تان غائب ٿي ويو هو، ٻئي پاسي اغوا ڄاڻايل وڪيل جي ڌيءَ جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو،ناري پاران پنهجي خوشي سان شادي ڪرڻ جو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، ٻه ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل ارم ڌيءَ عبيدالله گهوٽو جو وڊيو بيان وائرل ٿي ويو، وڊيو بيان ۾ ناري ارم گهوٽو جو چوڻ هو ته مون کي ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، رضا خوشي سان امتياز شر سان شادي ڪئي آهي، پوليس مڙس امتياز شر ۽ مائيٽن کي تنگ ڪري رهي آهي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي تحفظ فراهم ڪري، جڏهن ته وڪيل جي اغوا ڄاڻايل ڌيءَ جي الزام هيٺ آيل پ پ پ اڳواڻ شهريار خان شر الزام رد ڪندي واقعي جي اڻ ڌري جاج جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وڪيل عبيدالله گهوٽو سان منهنجي ڪا به دشمني ناهي، هن جي نياڻي جي اغوا بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، بنا جواز مون مٿان الزام لڳايو پيو وڃي، وڪيل جو هڪ پنهنجو ڪم آهي هو ڪنهن ڪيس ۾ ڪنهن جو به وڪيل بڻجي سگهي ٿو، اسان ڪا به ڌمڪي ناهي ڏني ۽ اغوا ڄاڻايل نياڻي جو مون کي به احساس آهي، واقعي جي اڻ ڌري جاچ ٿيڻ گهرجي.