نئين ديري ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، پيرسن قتل، پٽ زخمي

نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) نئين ديرو ڀرسان ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش آگاڻي ۾ آگاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻو تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ٿي ويو، هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ واحد بخش آگاڻي جو رهواسي پيرسن علي حسن آگاڻي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويو، سندس پٽ محمد حسن آگاڻي گولي لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو، پوليس واقعي واري اطلاع تي ڳوٺ واحد بخش آگاڻي پهچي قتل ٿي ويل جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي نئون ديرو اسپتال پهچايو جتان زخمي محمد حسن آگاڻي کي وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته قتل ٿي ويل علي حسن آگاڻي جي لاش جو نئون ديرو اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، وارث مقتول جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، اسپتال ۾ موجود مقتول جي پٽ افضل آگاڻي ٻڌايو ته والد صبح جيئن گهر کان ٻاهران درياهه تي وڃڻ لاءِ نڪتو ته اڳواٽ لڪي ويٺل هٿياربندن وهاب، واجد، وسيم، شبير، فدا حسين ۽ ٻين سڌيون گوليون هڻي والد کي قتل ڪيو جڏهن ته گولين جي آواز تي منهنجو ڀاءُ محمد حسن آگاڻي جيئن گهر کان ٻاهر نڪتو ته جوابدارن مٿس سڌي فائرنگ ڪئي جنهن ڪري ڀاءُ به زخمي ٿي پيو، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته  واقعو آگاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان پيش آيو آهي جنهن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.