دوحا(م ڊ) پاڪستان ۽ افغانستان سرحد تي هڪ هفتي تائين جاري شديد ۽ خوني چڪرين کان پوءِ قطر ۽ ترڪيه جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل ڳالهين جي نتيجي ۾ فوري طور جنگبندي تي اتفاق ڪري ورتو آهي. قطر جي نشرياتي اداري ’الجزيره‘ جي رپورٽ موجب، قطر جي پرڏيهي وزارت آچر ڏينهن صبح جو هڪ بيان ۾ چيو آهي ته افغانستان ۽ پاڪستان جنگبندي تي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ طريقي ڪار قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.دوحه وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ايندڙ ڏينهن ۾ ٻيهر ملاقاتون ڪرڻ تي به رضامندي ظاهر ڪئي آهي، ته جيئن جنگبندي جي تسلسل کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ان جي قابلِ اعتماد ۽ پائيدار نگراني ڪئي وڃي. ان کان اڳ ٻنهي ڌرين چيو هو ته هو ڇنڇر ڏينهن دوحه ۾ امن ڳالهين ڪري رهيا آهن ته جيئن ان صورتحال مان نڪرڻ جو ڪو رستو نڪري سگهي۔ اهي ڳالهيون ان وقت ٿيون جڏهن جهڙپن ۾ درجنين ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا، ۽ اهي جهڙپون 2021 ۾ طالبان جي ڪابل تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي ڏکڻ ايشيائي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ ٿيل سڀ کان خراب چڪريون هيون.افغان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو هو ته واعدي مطابق پاڪستاني ڌر سان ڳالهين جو عمل دوحه ۾ ٿيندو، جڏهن ته ڪابل جو ڳالهين وارو وفد، جيڪو وزيرِ دفاع ملا محمد يعقوب جي اڳواڻيءَ ۾ آهي، قطري گادي واري شهر پهچي ويو آهي. مختلف ملڪن ۽ سياسي اڳواڻن، دوحه ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي جو آڌرڀاءُ ڪيو آهي ۽ علائقي ۾ استحڪام ۽ امن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحد تي وڌندڙ تڪرار دوران، پاڪستاني بچاءَ واري وزير خواجه آصف جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ڇنڇر ڏينهن طالبان عملدارن سان ڳالهين لاءِ دوحه پهتو، جتي ڳالهين جو مقصد سرحد پار جهڙپن جو خاتمو ۽ پاڪستان جي سلامتي بابت خدشن جو حل ڳولڻ هو.ٻنهي ڌرين ڳالهين کانپوءِ فوري جنگبندي تي اتفاق ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي خودمختياريءَ جو احترام ڪرڻ جو عهد ڪيو.واضح رهي ته وفد ٻ؟ي مرحلي جي ڳالهين لاءِ 25 آڪٽوبر تي استنبول ۾ ٻيهر ملاقات ڪندا،پاڪ-افغان ڳالهين جي ترڪي سان گڏ ميزباني ڪندڙ قطر اميد ظاهر ڪئي آهي ته هي اهم قدم ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سرحدي تڪرار جي خاتمي ۽ علائقي ۾ پائيدار امن جي مضبوط بنياد رکڻ ۾ مددگار ٿيندو.ترڪيه جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ جنگبندي واري معاهدي جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو، بيان ۾ چيو ويو ته افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ قطر ۽ ترڪيه جي ٽياڪڙي سان ٿيل ڳالهين بعد جنگبنديءَ واري معاهدي کي ڀليڪار چئون ٿا. وڌيڪ چيو ويو ته ترڪيه ٻنهي ڀائر ملڪن ۽ علائقي ۾ دايمي امن ۽ استحڪام جي حصول لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو. عمان به افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيل معاهدي جو آڌرڀاءُ ڪيو، بيان ۾ چيو ويو ته سلطنت عمان، معاهدي تائين پهچڻ ۾ قطر ۽ ترڪيه جي ڪردار جي ساراهه ڪري ٿي ۽ اميد ظاهر ڪري ٿي ته هي معاهدو دائمي ۽ جامع امن جي قيام ۾ مددگار ثابت ٿيندو.