ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هلندڙ ڪيترن ئي فاسٽ فوڊ سينٽرن، برياني پوائنٽن ۽ هوٽلن ۾ مئل ڪڪڙ جو گوشت استعمال ٿيڻ جو انڪشاف، مليل ڄاڻ موجب گلبرگ پوليس موسيٰ ڪالوني ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان گدام تي ڇاپو هڻي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري 80 ڪلو کان وڌيڪ مئل ڪڪڙ جو گوشت هٿ ڪيو ۽ سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو، پوليس موجب گرفتار جوابدار انور ولد ادريس عرف علي بنگالي ۽ ڪمال ولد منان شهر جي مختلف فوڊ پوائنٽن ۽ هوٽلن کي مئل ڪڪڙين جو گوشت سستي قيمت تي فراهم ڪندا هئا، پوليس جي اطلاع تي سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جا عملدار به واقعي واري هنڌ پهتا، جن گدام مان 80 ڪلو صحت لاءِ هاڃيڪار گوشت ضبط ڪيو ۽ هڪ ڪلو گوشت ليبارٽري معائني لاءِ موڪليو.