جيڪب آباد روڊس کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو اسڪينڊل

جيڪب آباد(رپورٽ: عباس علي سومرو ) جيڪب آباد جي روڊس کاتي ۾ مبينا طور اربين روپين جي ڪرپشن، شهري جو هاءِ ڪورٽ ۾ سي پي داخل، ڌريون 22 آڪٽوبر تي طلب نوٽيس جاري، جيڪب آباد جي شهري گلزار رند لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ ۾ جيڪب آباد ضلعي جي روڊس کاتي ۾ مبينا  طور اربين رپين جي ڪرپشن خلاف پٽيشن داخل ڪرائي آهي، پٽيشن ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر هاءِ وي ڊويزن جيڪب آباد، سپريٽنڊنٽ انجنيئر ورڪس اينڊ سروسز جيڪب آباد، چيف انجنيئر هاءِ وي سکر ۽ حيدرآباد، ٽينڊر ڪلارڪ هاءِ وي ڊويزن جيڪب آباد، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر جيڪب آباد، اي جي سنڌ، ڊي سي جيڪب آباد، سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن جيڪب آباد، چيئرمين اينٽي ڪرپشن ڪراچي، سيڪريٽري ورڪس ۽ سروسز، سيڪريٽري روينيو، پرسنل سيڪريٽري چيف سيڪريٽري سنڌ کي ڌر بڻايو ويو آهي، لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل ڌرين کي 22 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا، شھري گلزار رند ٻڌايو ته 2013 کان هن وقت تائين جيڪب آباد ۾ روڊس کاتي ۾ اربين رپين جا فنڊس آيا جيڪي فنڊس ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن، جيڪب آباد ضلعي ۾ هاڻ به روڊ ٽٽل آهن جنھن سبب عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي، روڊس کاتي ۾ ڪرپشن خلاف هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي ڊبل بئنچ ۾ سي پي داخل ڪرائي آهي لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.