ڪراچي(رپورٽر+م ڊ)واعدا پورا ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت کي هڪ مهيني جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري،يوسف رضا گيلاني، فريال ٽالپر،مراد علي شاهه،قائم علي شاهه،منظور وساڻ،نثار کهڙو،اعجاز جکراڻي،نويد قمر،شيري رحمان،نيئر بخاري،اعتزاز احسن ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي،اجلاس ۾ ڪار ساز سانحي سميت جمهوريت جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ سياسي اتحاد بابت غورويچار ڪيو ويو،اجلاس بعد شيري رحمان بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته دهشت گردي خلاف اسان پهرين صف ۾ آهيون، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشت گردي وڌي رهي آهي،هن چيو ته پ پ حڪومت سازي ۽ اهم آئيني ترميمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،اسان جو خيال هو ته اسان جي ڳالهه ٻڌي ويندي، پر حڪومت ٺاهڻ وقت اسان سان جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا اهي اڃا تائين پورا ناهن ڪيا ويا، هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت کي هڪ مهيني جو وقت ڏنو آهي، اسان حڪومت ۽ وزيراعظم کي وقت ڏيون ٿا،هڪ مهيني بعد سي اي سي اجلاس ٿيندو،واعدن جي تڪميل کي ڏسنداسين،هن چيو ته وزيراعظم شهبازشريف ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ٽيم سان گڏ صدر مملڪت آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي هئي،جنهن ۾ اسان شهبازشريف آڏو پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو،ان جي ٻئي ڏينهن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽيم سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي،هن چيو ته وزيراعظم ملاقات دوران اسان کي ڪجهه خاطريون ڪرايون ۽واعدا ڪيا،ان سان گڏ ئي عملدرآمد لاءِ ڪجهه وقت به گهريو آهي،هن چيو ته اسان پنجاب جي ٻوڏ متاثرن سان گڏ بيٺا آهيون،متاثرن کي بي آءِ ايس پي ذريعي رليف ملڻ گهرجي،ان معاملي تي سياسي گولاباري نه ٿيڻ گهرجي، غريبن لاءِ رليف جو مطالبو ڪنداسين،وفاقي حڪومت کي ساراهيون ٿا اسان جون تجويزون تسليم ڪيون ويون،وفاقي حڪومت کي ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ گهرجي،هارين کي ڊي اي پي،يوريا ڀاڻ ملڻ گهرجي، اجلاس ۾ بلاول ڀٽو وزيراعظم جي خاطرين تي بريفنگ ڏني،سنڌ ۽ پنجاب جي اڳواڻن پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا،هن چيو ته اسان ڪي مراعتون ناهن گهريون نه ئي وفاقي ڪابينا ۾ شموليت چاهيون ٿا،نديم افضل چن چيو ته پنجاب ۾ مڪاني چونڊون سڀ کان اهم مطالبو آهي،صوبي ۾ نئين مڪاني نظام تي خدشا آهن،بجلي مهانگي ٿيڻ سبب صنعتون بند ٿي رهيون آهن، زراعت جي حوالي سان به اجلاس ۾ بحث ٿيو،هن چيو ته پنجاب حڪومت وزيراعظم جي اعلانيل ايمرجنسي تي عمل نه ڪيو،سنڌ حڪومت عمل ڪيو، وزيراعظم اجلاس ۾ واعدو ڪيو ته اسان جي مطالبن تي عمل ڪيو ويندو،