جناح اسپتال کي صحت کاتي کان ڌار ڪري خودمختيار ادارو بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) 1959ع ۾ قائِداعظم محمد علي جناح جي نالي سان ڪراچي ۾ قائم ڪيل جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) کي صحت کاتي سنڌ کان ڌار ڪري هڪ خودمختيار ادارو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ملازمن جو چوڻ آهي ته اسپتال کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي نالي تي هڪ اين جي او حوالي ڪرڻ جون تياريون ٿي چڪيون آهن، رپورٽ موجب اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر تصديق ڪئي آهي ته جناح اسپتال کي صحت کاتي کان ڌار ڪرڻ لاءِ قانوني مسودو تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو سنڌ اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو، هن ٻڌايو ته اسپتال وٽ مالي وسيلا نه آهن ۽ مختلف ادائگين جي مد ۾ تقريبن 70 ڪروڙ رپين جي مدي ۾ قرضي آهي، ياد رهي ته جناح اسپتال پهريان وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ هو، پر 2011ع ۾ اٺين آئيني ترميم کان پوءِ ان کي ڊيوليوشن جي عمل هيٺ سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو، ان فيصلي خلاف اسپتال جي ملازمن ندھ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي، جنهن تي 5 سالن بعد عدالت فيصلو ملازمن جي حق ۾ ڏنو ته جناح اسپتال، اين آءِ سي ايڇ ۽ اين آءِ سي وي ڊي کي ٻيهر وفاق جي ماتحت ڪيو وڃي پر سنڌ حڪومت ان فيصلي خلاف ٻيهر عدالت سان رابطو ڪيو، جنهن سنڌ حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ان کان پوءِ 8 آگسٽ 2023ع تي وفاقي حڪومت جناح اسپتال کي سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ بابت هڪ معاهدو ڪيو، جيڪو ميڊيا تي شايع ڪيو ويو ان معاهدي تحت جناح اسپتال 25 سالن تائين سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ ڪم ڪندي، معاهدي جي شق نمبر 9 موجب اسپتال جو ڪو به ملازم برطرف نه ڪيو ويندو، جڏهن ته سڀ ملازم ڊيپيوٽيشن جي بنياد تي سنڌ حڪومت جي ماتحت تصور ڪيا ويندا ۽ انهن جي مفاد خلاف ڪو به قدم نه کنيو ويندو، جناح اسپتال جي ملازمن جو چوڻ آهي ته جناح اسپتال کي ڪنهن به اين جي او جي حوالي نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته وفاقي حڪومت 25 سالن لاءِ اسپتال جو انتظام سنڌ حڪومت حوالي ڪيو آهي ۽ انهي معاهدي ۾ ڪٿي به اين جي او جو ذڪر موجود ناهي ،ذريعن موجب جناح اسپتال کي هاڻي بورڊ آف گورنرز جي تحت هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ اسپتال جو صحت کاتي سنڌ سان ڪو به سڌو تعلق نه رهندو، ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ جناح اسپتال کي مڪمل طور خودمختيار ادارو بڻايو ويندو، جڏهن ته ملازمن جو دعويٰ آهي ته اسپتال کي اين جي او حوالي ڪرڻ لاءِ خاموشي سان منصوبي تي ڪم جاري آهي.

اسپتال ۾ سولر سسٽم باوجود بجلي جو بل 8 ڪروڙ رپيا

ڪراچي: ان سلسلي ۾ ملازمن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾هيوي سولر سسٽم لڳل هجڻ باوجود بجليءَ جو بل هر مهيني 6 کان 8 ڪروڙ  رپيا اچي ٿو، جڏهن ته سوئي گيس جو بل 2 کان 3 ڪروڙ رپيا آهي، هنيو ته جناح اسپتال سخت بدانتظامي جو شڪار آهي، مريضن کي دوائون نٿيون ڏنيون وڃن ۽ آپريشن لاءِ ڇهه ڇهه مهينا اڳ وقت ڏنو وڃي ٿو، اسپتال جا ڪيترائي شعبا، جهڙوڪ پلاسٽڪ سرجري وغيره، مڪمل طور بند پيل آهن،ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت سرڪاري اسپتالن کي آهستي آهستي اين جي اوز جي حوالي ڪري رهي آهي، پر عوام کي صحت جون مناسب سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن، جنهن سبب ماڻهو علاج لاءِ نجي اسپتالن جو رخ ڪري رهيا آهن.

اسپتال ۾571 مستقل جايون ختم، ڀرتي بند

 

ڪراچي: جناح اسپتال جي صورتحال بابت انتظامي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڍائي سال اڳ جناح اسپتال جون 571 مستقل جايون بجيٽ مان ختم ڪيون ويون، اهي اساميون ٽيچنگ ڪيڊر، فيڪلٽي، نرسنگ ۽ ٻين شعبي سان لاڳاپيل هيون، انهن جي ختم ٿيڻ سبب موجوده ملازمن جي ترقيءَ جا مسئلا وڌي ويا ۽ ڪيترائي اڃا به پروموشن جي انتظار ۾ ويٺل آهن،ذريعن جو چوڻ آهي ته جناح اسپتال ۾ 2000 کان وڌيڪ بسترا آهن پر رڳو 800 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسپتال کي نجي شعبي ۾ تبديل ڪرڻ جي هڪ خاموش منصوبي تي ڪيترن سالن کان ڪم ٿي رهيو آهي، اسپتال جي او پي ڊي ۾ روزانو 5 هزار کان وڌيڪ مريض علاج لاءِ ايندا آهن، جڏهن ته حادثن جي شعبي ۾ روزانو 1800 کان 2000 مريض آندا وڃن ٿا، پر ڪيترائي شعبا، جهڙوڪ پلاسٽڪ سرجري ۽ ٿوريسڪ سرجري، ايڇ او ڊيز نه هئڻ سبب غير فعال آهن.

اسپتال جي 75 ايڪڙ مان 21 ايڪڙ زمين تي قبضا

ڪراچي: اسپتال وٽ 75 ايڪڙ زمين آهي، جنهن مان لڳ ڀڳ 21 ايڪڙ زمين تي قبضو آهي قابض ماڻهو اسپتال جو پاڻي، بجلي ۽ گيس بنا معاوضي استعمال ڪري رهيا آهن، انتظاميه ڪيترائي ڀيرا آپريشن ڪري قبضا ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر ڀيري انتظاميا کي ناڪامي ملي آهي، اسپتال جي 6 داخلا ۽ نڪرڻ جا رستا آهن، سيڪيورٽي تي 79 لک 35 هزار رپيا خرچ ٿيڻ باوجود اسپتال ۾ رات جو غير لاڳاپيل ماڻهن جي اچ وڃ جاري رهي ٿي.

سنڌ حڪومت ۽ اسپتال انتظاميا جو ڀرتين ڏانهن ڌيان ناهي:ملازم

ڪراچي: اسپتال جي ملازمن ۽ ڪجهه انتظامي آفيسرن، جن پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڳالهايو، ٻڌايو ته حڪومت سنڌ جناح اسپتال کي اين جي او جي حوالي ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي، هنن موجب اهو ئي سبب  آهي جو حڪومت سنڌ ۽ اسپتال انتظاميه 1200 کان وڌيڪ خالي جاين تي ڀرتي نٿي ڪري، جڏهن ته ڪيترائي ملازم ڏهه ڏهه سالن کان ترقين جي انتظار ۾ آهن، ملازمن ٻڌايو ته 2011ع کان اڳ اسان وفاقي حڪومت جا ملازم هئاسين، پوءِ اسپتال کي صوبائي حڪومت جي حوالي ڪيو ويو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ جاري تڪرارن سبب سوين ملازم ترقيءَ کان سواءِ رٽائرڊ ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي اڄ به پنهنجي پروموشن کان محروم آهن

سيڪيورٽي خدمتن جي مد ۾ 79 لک 35 هزار رپيا بقايا رهيل

ڪراچي: جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول موجب سيڪيورٽي خدمتن جي مد ۾ 79 لک 35 هزار رپيا  بقايا رهيل آهن، اسٽيشنري جي مد ۾ 66 لک 7 هزار 796 رپيا، پرنٽنگ جي مد ۾ 3 لک 85 هزار 600 رپيا، ٻين خرچن جي مد ۾ 1 ڪروڙ 27 لک 52 هزار 164 رپيا رهيل آهن، جناح اسپتال جي انتظاميه موجب، اسپتال جي ملازمن ۽ ٻين معاملن بابت 83 ڪيس مختلف عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، جن مان اڪثر ڪيس ملازمن جي ترقين ۽ حقن سان لاڳاپيل آهن.

اسپتال جا سمورا معاملا ۽ خرچ گورننگ باڊي طئي ڪندي: شاهد رسول

ڪراچي: جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول ٻڌايو ته اسپتال کي صوبائي صحت کاتي کان ڌار ڪري  خودمختيار ادارو بڻايو پيو وڃي، جيڪو بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ماتحت هلندو، اسپتال جا سمورا معاملا ۽ خرچ گورننگ باڊي طئي ڪندي، جنهن ۾ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ اين جي او جا نمائندا پڻ شامل هوندا، جڏهن ته گورننگ باڊي جو چيئرمين وزيراعليٰ سنڌ هوندو، ڊاڪٽر شاهد رسول موجب جناح اسپتال کي هاڻ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز (اين آءِ سي وي ڊي) جي طرز تي خودمختيار بڻايو پيو وڃي، جنهن کان پوءِ اسپتال کي صحت کاتي بدران حڪومت سنڌ سڌو سنئون “ون لائين بجيٽ” ذريعي فنڊ فراهم ڪندي، هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ سنڌ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آهي، پر اڃا تائين ان جو ڪو اجلاس منعقد نه ٿيو آهي، اسپتال تي هن وقت 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو قرض آهي، جنهن بابت اسپتال انتظاميه حڪومت سنڌ کي بقايا جات جي مڪمل فهرست موڪلي ڇڏي آهي ته جيئن اسپتال کي خودمختيار بڻائڻ کان اڳ سڀ واجبات ادا ٿي سگهن، ڊاڪٽر شاهد رسول چيو ته اسپتال کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ قانوني مسودو تيار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي منظوري سنڌ اسيمبلي مان حاصل ڪئي ويندي۔ بل پاس ٿيڻ کان پوءِ اسپتال جو انتظامي ڍانچو تبديل ڪيو ويندو ۽ اسپتال کي 12 رڪني بورڊ آف گورنرز جي ماتحت هلائڻو پوندو۔

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.