پي آءِ ڊي سي ايل سنڌ لاءِ ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ وانگر آهي:سعيد غني

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وزيرِ محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته دهشتگردي جو آغاز مشرف جي دور ۾ ٿيو هو۔ ان وقت به خيبر پختونخواهه ۾ پاڪستان جو جهنڊو لهرائڻ ڏوهه سمجهيو ويندو هو، ۽ اڄ وري هڪ  ڀيرو ٻيهر دهشتگردي وڌي رهي آهي۔ هن چيو ته جيڪڏهن افغانستان جي صورتحال بهتر ٿي چڪي آهي ته هتي پناهه وٺندڙ افغان مهاجرن کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ گهرجي، اهي ڳالهيون هن ڇنڇر ڏينهن اعظم بستي قبرستان ۾ 18 آڪٽوبر جي سانحي ڪار ساز جي دفن ٿيل ست شهيدن جي قبري تي حاضري ۽ فاتحه خواني بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيون۔ ان موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر سيد وقار مهدي، وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار سيد نجمي عالم، جنرل سيڪريٽري ڪراچي ڊويزن عبدالروف ناگوري، ضلعي اوڀر جو صدر اقبال ساند، چني سر ٽائون جو چيئرمين فرحان غني ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا پي آءِ ڊي سي ايل بابت سوال تي سعيد غني چيو ته ايم ڪيو⁠ايم جا دوست ان معاملي کي پنهنجن اندازن ۾ پيش ڪن ٿا، پر اسان جو موقف واضع آهي ته جيڪڏهن ڪمپني ڪم ڪندي ته اختلاف ٿيندا۔ سنڌ حڪومت جي ادارن کان مٿانهون ڪو به نٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن ڪو به ادارو بنا ڪوآرڊينيشن جي ڪم ڪندو ته پئسو ضايع ۽ ڪرپشن وڌندي،پي آءِ ڊي سي ايل ٺاهي سنڌ لاءِ “ايسٽ انڊيا ڪمپني” جهڙو نظام قائم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.