”عمران خان سهيل آفريدي کي نه سڃاڻي، مراد سعيد متعارف ڪرايو“

اسلام آباد (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اسلام آباد ڏانهن ٻئي احتجاجي مارچ جي بدران ڳالهين جو حامي هو، پر عمران خان سندس صلاح رد ڪري احتجاجي تحريڪ تي زور ڏنو. پارٽي ذريعن موجب، گنڊاپور سمجهندو هو ته ٻيهر ٽڪراءُ وڌيڪ رتوڇاڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ۽ ڳالهين  ذريعي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي آزادي ممڪن آهي. ذريعن موجب، عمران خان سهيل آفريدي کي نه سڃاڻي، مراد سعيد جي سفارش تي سهيل آفريدي کي نئون وڏو وزير نامزد ڪيو، جڏهن ته گنڊاپور سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد کان ناراض هو ۽ عليما خان کي ذميوار قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.