پني عاقل ۾ جڙتو مقابلي ۾ نوجوان جهانگير جکراڻي مارجي ويو

پنوعاقل (رپورٽ: راجا سليم مهر) پنوعاقل ۾ پوليس جي مبينا جڙتو مقابلي ۾ نوجوان جهانگير جکراڻي مارجي ويو، جڏهن ته وارثن پوليس تي الزام لڳائيندي چيو آهي ته نوجوان کي شهر مان  کنڀي جعلي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو آهي. وارثن ۽ علائقي واسين پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايچ او ۽ سپاهي خلاف سخت احتجاج ڪيو. امڙ، گهرواري ۽ ٻارڙن فرياد ڪئي ته جهانگير کي ڪورٽ وڃڻ دوران پوليس پڪڙي، دادلو وٽ مقابلي جو ڊرامو ڪري ماريو. هنن الزام هنيو ته هڪ ڏينهن اڳ پوليس چڙهائي ڪئي هئي، ڊي ايس پي موسيٰ ابڙو تي مبينا فائرنگ ٿي هئي جنهن جي بدلي ۾ اسان جو نوجوان ماريو ويو. احتجاج ڪندڙن ڀاءُ زبير جکراڻي ۽ ٻين ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته دادلو لنڪ روڊ تي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ دوران مقابلو ٿيو، مارجي ويل نوجوان مٿان ڪيس داخل هئا ۽ لاش جو پوسٽ مارٽم پڻ ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ جي وڪيل مرتضيٰ ڪورائي نوجوان جي ڪيس جي مفت پيروي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.