گوادر تحريڪ جي اڳواڻ ايم پي اي هدايت الرحمان خلاف ڪيس داخل

گوادر(م ڊ) گوادر، بلوچستان ۾ جماعت اسلامي سان لاڳاپيل ايم پي اي مولانا هدايت الرحمان خلاف رياستي ادارن خلاف اشتعال انگيز بيان ڏيڻ ۽ عوام کي اڪسان جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، هي ڪيس هڪ شهري "ولي الله ولد محمد” جي لکيل درخواست تي ٿاڻي سنتور ۾ داخل ڪيو ويو آهي. درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته هو هڪ سماجي ۽  سياسي ڪارڪن آهي ۽ گذريل ڏينهن علائقي ۾ موجود هو، جتي هن پنهنجي موبائل فون تي سوشل ميڊيا ذريعي مولانا هدايت الرحمان جي بلوچستان اسمبلي ۾ ڪيل تقرير جي وڊيو ڏٺي. درخواست موجب، وڊيو ۾ مولانا هدايت الرحمان دعويٰ ڪئي ته بلوچستان ۾ ٿيندڙ موتن جا ذميوار سيڪيورٽي فورسز آهن، ۽ گڏوگڏ مفتي شاهه مير ۽ مولانا ڪلام سرور جي قتل جو الزام به فورسز تي لڳايو. ولي الله جي دعويٰ آهي ته مٿيان الزام بي بنياد ۽ اشتعال انگيز آهن، جن جو مقصد عوام ۾ رياستي ادارن خلاف نفرت ۽ انتشار پيدا ڪرڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.