افغان علائقي ۾ لاشن جي بي حرمتي جا واقعا غير انساني آهن:پرڏيهي کاتو

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي بابت افغان پرڏيهي وزير جي بيانن کي رد ڪري ٿو، جنهن ۾ هن پنهنجي ڀارت جي دوري دوران چيو هو ته دهشتگردي پاڪستان جو اندروني مسئلو آهي. دهشتگردي سڀني جو مسئلو  آهي ۽ ان کي ڪنهن هڪ ملڪ سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي. پاڪستان ڀارت ۾ افغان عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي جي بيان کي رد ڪري ٿو. پاڪستان افغان عبوري پرڏيهي وزير جي ڀارت جي دوري دوران جاري ڪيل گڏيل بيان کي به رد ڪري ٿو، جيڪو ڀارت جي انتظام هيٺ ڪشمير کي هندستان جو حصو ڏيکاري ٿو. اهو ڪشمير جي ماڻهن کي رد ڪرڻ جي برابر آهي. اسلام آباد ۾ بريفنگ ڏيندي ترجمان ٻڌايو ته 11 کان 15 آڪٽوبر دوران طالبان فورسز طرفان پاڪستاني علائقي ۾ حملا ڪيا ويا، جن کي پاڪستان پنهنجي دفاعي حق تحت اثرائتي طريقي سان منهن ڏئي ناڪام ڪيو. هن چيو ته ڪارروائي رڳو دهشتگرد عنصرن خلاف ڪئي وئي، جنهن بعد 48 ڪلاڪن جي جنگ بندي لاڳو ٿي. شفقت علي خان چيو ته طالبان حڪومت کي پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته پاڪستان چار ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ-افغان سرحد تي ڇڪتاڻ سبب واپار متاثر ٿيو آهي، ۽ افغان علائقي ۾ لاشن جي بي حرمتي جا واقعا غير انساني ۽ نقابلِ قبول آهن، اهڙن ڏوهن ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي افغان شهرين جي موجودگي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.