حيدرآباد اسپتال ۾ گند ساڙڻ جي مشين جي نالي41 لک رپيا ڳڙڪائجي ويا

حيدرآباد(رپورٽر) سول اسپتال حيدرآباد ۾ 41 لک رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، جتي هيلٿ ويسٽيج انسينيٽر (ڪچرو ساڙڻ واري مشين) جي مرمت لاءِ بل پاس ڪيو ويو، پر مشين اڃا تائين ناڪاره ۽ بند پئي آهي۔ ذريعن موجب، جون 2025ع ۾ سول اسپتال جي انسينيٽر جي مرمت ۽ ان کي هلائڻ لاءِ ٽريزري مان 41 لک 55 هزار 925 رپيا ڪڍرايا ويا، پر مشين اڃا تائين غير فعال حالت ۾ اسپتال اندر پيل آهي۔ قاسم آباد جي رهواسي علي رضا نالي شهري هن سنگين بي ضابطگي بابت سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي لکت ۾ شڪايت ڏني آهي۔ درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سول  اسپتال انتظاميا جعلي بلن ذريعي رقم ڪڍرائي، پر انسينيٽر کي نه هلائي سگهيو، جنهن سبب اسپتال جو خطرناڪ هيلٿ ويسٽ به بنا ڪنهن صفائي يا تلفي جي ٻاهر اڇلجي رهيو آهي، جيڪو انساني زندگين لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهي۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي سالن کان سول اسپتال ۽ لياقت يونيورسٽي اسپتال مان نڪرندڙ طبي فضلو بنا ڪنهن تلفي جي مبينه طور ملازمن ۽ ٺيڪيدارن جي ذريعي وڪرو ڪيو پيو وڃي۔ ان بابت ڪيترائي ڀيرا ميڊيا رپورٽون به سامهون آيون، پر سيڪريٽري هيلٿ يا صوبائي وزير صحت ڪو نوٽيس نه ورتو۔ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انسينيٽر جي مرمت لاءِ ڪروڙين رپيا فنڊز منظور ڪيا ويا هئا، پر انتظاميا جي لاپرواهي يا مبينه ملي ڀڳت سبب اهي پئسا به هڙپ ڪيا ويا۔ اسپتال اندر موجود خراب انسينيٽر نه رڳو سرڪاري وسيلا ضايع ٿيڻ جي علامت آهي، پر روزانو ايندڙ هزارين مريضن ۽ سندن وارثن لاءِ به خوفناڪ ماحولي خطري ۾ اضافو ڪري رهيو آهي۔.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.