اسلام آباد/لاهور(ارشاد ڀٽي) پنجاب حڪومت پاران تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي جي منظوري ڏني وئي آهي پر ڇا پابندي سياسي، مذهبي ۽ سماجي انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي؟ ڇو ته اهڙيون پابنديون ڪيترين ئي تنظيمن تي لڳيون آهن ۽ اهي نون نالن سان وري اڀري اينديون آهن. انتهاپسندي جو بنياد عدم برداشت، رياستي رٽ جي ڪمزوري ۽ مفاد پرستي به آهي. اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته ٽي ايل پي جي هزارين ڪارڪنن خلاف اڳ به ڪيس داخل ڪيا ويا هئا پر انهن مان سزا رڳو 34 ڄڻن کي ملي هئي. ٻي اها حيرت جي ڳالهه آهي ته سعد رضوي ڪٿي آهي؟ جيڪڏهن قانوني لاڳو ڪندڙ ادارن جي تحويل ۾ آهي ته ان کي پيش ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ جيڪڏهن تحويل ۾ ناهي ته پوءِ به حيرت جي ڳالهه آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 18 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو