جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ 74 ورهين جي پيرسن پاڻ کان 50 سال ننڍي عمر واري عورت سان شادي ڪري ڇڏي، جنهن لاءِ هن ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا.
اِهو انوکو واقعو انڊونيشيا جي صوبي ايسٽ جاوا جي علائقي پيڪٽن ريجنسي ۾ پيش آيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، 74 ورهين جي تارمان نالي همراهه 24 ورهين جي شيلا اريڪا سان شادي ڪئي ۽ هن ڪنوار کي 3 ارب انڊونيشي رپيا (5 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ادا ڪيا.
شادي جي شاهاڻي تقريب پهرين آڪٽوبر تي ٿي ۽ ان موقعي تي ڪنوار کي چيڪ پڻ ڏنو ويو.
رپورٽ موجب، اهو واضح ناهي ته ٻنهي جي ملاقات ڪيئن ٿي، ڪنوار کي چيڪ ڏيڻ وقت شادي ۾ آيل مهمانن خوشيءَ ۾ پڻ نعرا هنيا.
ان موقعي تي شادي جا تحفا وٺڻ بدران ميزبان طرفان مهمانن کي هڪ لک انڊونيشي رپيا روڪ ڏنا ويا.
هي شادي شايد وائرل نه ٿئي ها پر تقريب جي وڊيوگرافي ڪندڙ ڪمپنيءَ سبب اها وائرل ٿي وئي.
ويڊنگ فوٽوگرافي ڪمپني موجب، شادي جي ماني کانپوءِ نئون جوڙو بنا ادائيگي جي هليو ويو ۽ انهن سان رابطو به نه ٿي سگهيو.
افواهه پکڙيا ته تارمان نه رڳو ادائيگي کان لاچار هو، پر هو اتان هڪ موٽر سائيڪل تي فرار ٿي ويو،
ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته اربن رپين جو چيڪ پڻ جعلي آهي.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ تارمان سوشل ميڊيا تي تصديق ڪئي ته ڪنوار کي ڏنو ويو چيڪ اصلي هو ۽ افواهن کي رد ڪيو ته هو شادي بعد ڀڄي ويو هو.
ڪنوار جي ڪٽنب اهڙي قسم جي افواهن کي رد ڪندي چيو ته جوڙو هني مون تي ويل آهي.
ويڊنگ فوٽوگرافي ڪمپنيءَ جي شڪايت تي اختيارين هن معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
74 ورهين جي همراهه جو ڪروڙين خرچ ڪري 24 سالن جي جوانڙيءَ سان پرڻو، ڄاڃين ۾ روڪ رقم ورهائي، نعرا لڳي ويا
You might also like