پنجاب ڪابينا انتها پسند جماعت تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي

خلاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ڪابينا تحريڪِ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته سڄي دنيا غزا جنگ بندي واري معاملي تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهي رهي آهي، پر هتي هڪ جماعت غزا لاءِ احتجاج جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته مذهبي جماعت طرفان احتجاج جو اعلان ان وقت ڪيو ويو، جڏهن غزا ۾ امن معاهدو ٿي چڪو هو.
سندس چوڻ هو ته احتجاج جي آڙ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو. پرتشدد احتجاج ڪندڙ ملڪ ۽ عوام جا خيرخواهه نٿا ٿي سگهن.
هن چيو ته ڇا پوليس جون گاڏيون ساڙڻ سان غزا جو مسئلو حل ٿي ويو؟ فيصلو ڪيو آهي ته رياست اهڙي قسم جا احتجاج ۽ ڀڃ ڊاهه برادشت نه ڪندي.
عظميٰ بخاري چيو ته ڪنهن کي به بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. واپار برادري، ٽرانسپورٽرز ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون جن هڙتال وارو سڏ رد ڪيو.
سندس چوڻ هو ته پنجاب ڪابينا ٽي ايل پي تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ پابندي لاءِ سمري وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلي وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اها خبر سامهون آئي هئي ته پنجاب حڪومت مذهبي جماعت تي پابندي لاءِ وفاق کي سفارش ڪندي ۽ مذهبي جماعت جا سمورا اثاثا به تحويل ۾ ورتا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.