سرحدي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ اڄ دوحا ۾ ڳالهيون ٿينديون

دوحا (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالهيون اڄ قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ ٿينديون.
طالبان حڪومت جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي جاري ڪيل تفصيل موجب، امارتِ اسلاميه افغانستان جو وفد جنهن اڳواڻي بچاءِ وارو وزير مولوي محمد يعقوب مجاهد ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جا ڪيترائي سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس عملدار اڄ جمعي ڏينهن دوحا ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ شرڪت ڪندا.
واضح رهي ته پاڪستان حڪومت طرفان ڳالهين بابت اڃا تائين تفصيل شيئر نه ڪيا ويا آهن
گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو هو ته ”پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ لاءِ قطر طرفان ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي وئي آهي ۽ قطر هن معاملي جي حل لاءِ ٻنهي ڌرين سان سنجيدگيءَ سان ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ٻئي پاسي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي قطر جي مملڪتي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبدالعزيز الخليفي جو علائقائي صورتحال بابت پيغام مليو ، جنهن ۾ هن پاڪستان جي علائقائي امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ واري ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
اسحاق ڊار قطر جي مسلسل حمايت ۽ خطي سميت ٻين ملڪن ۾ امن کي هٿي ڏيڻ ۾ ان جي هاڪاري ڪردار تي به ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.