اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن ناڻي واري وفاقي وزيرِ محمد اورنگزيب ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي وزير رانا تنوير حسين کي ٽيون خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شگر انڊسٽري مسلسل ايف بي آر جي ايس ٽريڪ پورٽل بند ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري رهي آهي، جنهن سبب مارڪيٽ ۾ کنڊ جي رواني رڪجي وئي آهي۔ترجمان ٻڌايو ته 14 آڪٽوبر تي وزارتِ فوڊ سيڪيورٽي ۾ ٿيل اجلاس دوران به هي مسئلو اٿاريو ويو، ۽ حڪومت طرفان واعدو ڪيو ويو ته ايف بي آر سان رابطو ڪري پورٽل کليل رکيو ويندو، ايسوسيئيشن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن صورتحال اهڙي ريت جاري رهي ته مارڪيٽ ۾ کنڊ جو شديد بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، قيمتون وڌنديون ۽ ان جي ذميوار شوگر انڊسٽري نه هوندي۔