لاهور(بيورو/م ڊ) تنظيمات اهل سنت مريدڪي ۾ ٽي ايل پي خلاف ڪريڪ ڊائون خلاف اڄ ملڪ گير احتجاج ۽ ڦيٿو جام هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته مريد ڪي سانحو پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سانحي جي آزاداڻي عدالتي جاچ لاءِ فوري ڪميشن ٺاهي وڃي ۽ ٽي ايل پي سان نتيجو ڏيندڙ ڳالهيون ڪيون وڃن. ٻئي پاسي آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. آءِ جي پنجاب چيو ته اڄ ڪنهن به شخص کي هڙتال جي اوٽ ۾ روڊن تي اچڻ ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه هوندي. ٻئي پاسي ذريعن موجب مذهبي جماعتن، سول سوسائٽي ۽ واپاري برادري اڄوڪي هڙتال واري سڏ کي رد ڪيو.