اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته افغانستان ڪڏهن اسان جو دوست نه رهيو پر اسان پوءِ به پاڙيسري هئڻ جو حق ادا ڪيو،پاڪستان ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشت گردي جاري آهي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته جيڪي افغاني اسان وٽ آهن،انهن کي ڀارت پاڻ وٺي ڇو نٿو رهائي؟افغانستان عارضي جنگ بندي کي مستقل سيز فائر ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ته اسان کي ڪو به اعتراض ناهي،اها اسان جي غلطي آهي ته اسان افغان بارڊر کي ڀارت جي سرحد وانگر نه سمجهيو،هن چيو ته جنرل فيض دهشت گردن جي پاڪستان واپسي جي منصوبي جو خالق هو،جنرل باجوا ۽ عمران خان ان منصوبي ۾ هن سان شريڪ هئا،جنرل فيض ٽي ٽي پي جي سربراهه نور ولي مسعود کي بلٽ پروف گاڏي تحفي ۾ ڏني،هن چيو ته افغان حڪومت ٿوري خودداري جو مظاهرو ڪري،پنهنجي ماڻهن کي واپس وٺي وڃي،40 لک افغاني پاڪستان ۾ ڇا ڪري رهيا آهن؟ هن چيو ته انهن کي پنهنجي ملڪ ناهي وٺي وڃڻو ته کين ڀارت موڪلرائي ڇڏيو،ڀاڙو به گهٽ لڳندو،اهي محسن ڪش ماڻهو آهن،پاڪستان انهن جو بار ڇو کڻي رهيو آهي؟