لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو انتظامي نااهلي سبب مسئلن جو شڪار

ڄامشورو(رپورٽ: راجا انور چانڊيو) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ڪيترن ئي مسئلن جي ورچڙهي وئي، شاگردن ۽ ملازمن بحران جو ذميوار انتظاميا کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ عوامي آواز کي مليل ڄاڻ موجب لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو گذريل ڪافي عرصي کان ڪيترن ئي مسئلن جي ورچڙهيل آهي، جنهن سبب شاگرد توڙي ننڍا ملازم سخت پريشاني جو شڪار آهن، يونيورسٽي حلقن موجب لمس يونيورسٽي جي  هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگرد توڙي شاگردياڻيون پيئڻ جي صاف پاڻي، کاڌ خوراڪ توڙي سيڪيورٽي سميت مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر انتظاميه سندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون پيئڻ جو صاف پاڻي توڙي کاڌ خوراڪ جو سامان ڳري قيمت تي ٻاهران گهرائڻ تي مجبور آهن، سيڪيورٽي جا انتظام بهتر نه هجڻ ڪري اڪثر هاسٽلر شاگرد/شاگردياڻيون عدم تحفظ جو شڪار هجن ٿا. جڏهن ته ننڍن ملازمن جي رهائشي ڪالوني ۾ رهندڙ ملازم پڻ صفائي، سٿرائي، پيئڻ جي پاڻي ۽ بجلي سميت ٻين مسئلن کي منهن ڏين ٿا، صفائي نه ٿيڻ ڪري لمس ڪالوني ڪچي جي جهنگ جو ڏيک ڏئي رهي آهي، جن مسئلن جي حل لاءِ ملازمن طرفان ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ باوجود انتظاميه سندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ننڍن ملازمن ۽ شاگردن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي عوامي آواز کي ٻڌايو ته شاگردن جي هاسٽلن ۽ ڪالوني ۾ گذريل 5 سالن کان مسئلا وڌي وڻ ٿي ويا آهن، جن جي حل لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو، پر پوءِ به انتظاميه مسئلا حل ڪرڻ بدران خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪائي رهي آهي، ملازم پنهنجي جائز حق لاءِ احتجاج ڪري ٿو ته ان کي برطرف ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وڃي ۽ ڪو شاگرد دانهن ڪري ٿو ته ان کي کنڀرائڻ جي ڌمڪي ڏئي خاموش ڪرايو وڃي ٿو، جنهن ڪري اسان اذيتون ڀوڳڻ تي مجبور آهيون. هنن سنڌ حڪومت ۽ سڄاڻ ڌرين کان مسئلا حل ڪرائي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

شاگردن ۽ ملازمن کي ڪي به مسئلا درپيش ناهن:وائيس چانسلر

ڄامشورو: لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ چيو آهي ته عوامي آواز سنڌ جو حقيقي آواز آهي، هن عوام جي ترجمان اخبار ذريعي سنڌ جي عوام کي گذارش ڪندس ته يونيورسٽيون قوم جي امانت هونديون آهن، جن خلاف ٿيندڙ اجائي واويلا کي روڪڻ لاءِ سهڪار ڪيو وڃي، اسان جي يونيورسٽي ترقي جي راهه تي هلندڙ آهي، شيون بهتر کان بهتر ٿي رهيون آهن، تنهن هوندي به جيڪڏهن  ڪنهن جائز مسئلي جي نشاندهي ٿي ته ان کي بنا دير حل ڪيو ويندو، عوامي آواز جي عيوضي پاران لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال ڄامشورو جي مسئلن بابت ملاقات ڪري موقف وٺڻ تي وي سي ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ چيو ته سماج جي سمورن طبقن توڙي قلمڪارن کي آئون دعوت ٿو ڏيان ته هن يونيورسٽي جي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ کي اچي ڏسن، اسان جو هر قدم ترقي ڏانهن وڌندڙ آهي، شاگردن توڙي ملازمن کي ڪي به مسئلا درپيش ناهن، سڀ ڪجهه بهتر نموني هلي رهيو آهي، باقي ڪجهه ملازم ۽ شاگرد يونيورسٽي انتظاميا کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪندا آهن، جنهن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي، ڪجهه منفي سوچ رکندڙ ناڪاري ماڻهن کان يونيورسٽي جي ترقي برداشت نٿي ٿئي، تن جي اسان کي پرواهه ناهي. هن چيو ته منهنجي دور ۾ ڪلاس بهتر نموني هلي رهيا آهن، شاگرد حاضر هجن ٿا ۽ ڪو بائيڪاٽ نٿو ٿئي، انتظاميا پاڻ کي سنڌ جي عوام آڏو ذميوار سمجهي ٿي، اسين ڪنهن خاص طبقي جا پگهاردار ناهيون. هن چيو ته سيڪيورٽي گارڊن کي مقرر ڪرڻ ۽ ڪم وٺڻ سيڪيورٽي ڪمپني وارن جو مسئلو آهي، تنهن هوندي به سيڪيورٽي ڏانهن اسان جو خاص ڌيان آهي ۽ ان ڏس ۾ سيڪيورٽي جي بهتري لاءِ ٽينڊر به ڪيو آهي ۽ ڪميٽي به قائم ٿيل آهي. جيڪڏهن ڪنهن هاسٽل ۾ سيڪيورٽي گارڊ مقرر ٿيل ناهن ته ان جي نشاندهي ڪرڻ شاگردن جو فرض آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.