پارليامينٽ جي اهميت ختم ٿي وئي،ڪارڪن اسلام آباد هلڻ جي تياري ڪن:فضل الرحمان

ڊيرا اسماعيل خان(عوامي آواز نيوز)جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ پنج سيٽون آهن يا ڏهه،پارليامينٽ جي اهميت ختم ٿي چڪي آهي،پارليامينٽ هاڻي اسٽيبلشمينٽ جي لونڊي بڻجي وئي آهي،ڊي آءِ خان ۾ مفتي محمود ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هي ميدان زندهه آهي،توهان ڄاڻو توهان جا ايوان ڄاڻين،عياشيون ڪندا رهو،اسان توهان جي جعلي ايوانن کي جوتي جي نوڪ تي رکون ٿا،سي پيڪ روٽ توهان لاءِ آهي،ڪارڪن اسلام آباد هلڻ جي تياري ڪن،هن چيو ته اسان عوام جي نمائنده جمهوريت جا قائل آهيون،اسان ٽرمپ ۽ آمريڪا جي غلامي واري نظام تي لعنت وجهون ٿا، هن چيو ته نئين نسل کي شعور ڏيو،انهن کي ٻڌايو ته توهان جو مستتقبل ٽرمپ جي سياست ناهي،توهان جو مستقبل يهود هنود جي سياست ناهي، هن چيو ته پاڪستان ان ڪري ٽٽو هو ته عوام جو اڪثريتي ووٽ ۽ اڪثريتي راءِ جو فيصلو تسليم نه ڪيو ويو،تڏهن چيو ويو ته جيڪو ڍاڪا ويندو ان جون ڄنگهون ٽوڙي ڇڏينداسين اهو مفتي محمود هو جيڪو پنهنجي وفد جي اڳواڻي ڪندي ڍاڪا پهتو هو،هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ،سياستدانن،حڪومت ۽ ڪاموراشاهي کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جڏهن 1977ع ۾ اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي هئي ته ان وقت تحريڪ جي اڳواڻي مفتي محمود ڪئي هئي،اسان ملڪ ۾ چوري جي اليڪشن تسليم نه ڪندا آهيون،اسان 2024ع واري اليڪشن کي به قبول ناهي ڪيو،هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪو ماءُ جو پٽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ڳالهه نٿو ڪري سگهي،اسان ڪيترائي معاهدا ڏٺا آهن،هر معاهدي ۾ فلسطين کي ڪمزور ڪري اسرائيل کي طاقتور بڻايو ويو،ٽرمپ 70 هزار فلسطينين جو قتل عام ڪرايو،مولانا راشد محمود سومرو چيو ته فضل الرحمان پاڪستان جي اميد آهي،ڪو ماءُ جو لال مولانا جو رستو نٿو روڪي سگهي،اسان جي صبر جو فائدو نه ورتو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.