لنڊن (شوبز ڊيسڪ) هالي ووڊ جي مشهور جوڙي ٽام ڪروز ۽ آنا ڊي آرمس جي وچ ۾ ” دوستاڻو“ تعلق ختم ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 62 ورهين جي ٽام ڪروز ۽ 36 ورهين جي آنا ڊي آرمس هڪ سال کان به گهٽ عرصي جي دوستيءَ کان پوءِ پنهنجا رستا ڌار ڪري ورتا آهن.
جوڙي جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته ته ٻئي اڃا به هڪ ٻئي جي صحبت کي پسند ڪن ٿا، پر هنن اهو طئي ڪيو آهي ته هو دوست رهندا ۽ پنهنجي پيشوراڻي زندگيءَ تي ڌيان ڏيندا.
ٽام ڪروز ۽ آنا ڊي آرمس جي مختصر پر دلڪش ڪهاڻي مداحن جون دليون کٽي ورتيون آهن ، پر هاڻي هي جوڙي محبت بدران دوستيءَ تي وڌيڪ يقين رکي ٿي.
واضح رهي ته ان کان اڳ ٽام ڪروز ۽ آنا ڊي آرمس جي خلا ۾ شادي بابت افواهه پڻ گردش ڪري رهيا هئا، پر جوڙي طرفان ان حوالي سان ڪڏهن به باضابطا اعلان نه ڪيو ويو هو.
ياد رهي ته ٽام ڪروز ان کان اڳ ميمي راجرز، نيڪول ڪڊمين ۽ ڪيٽي هومز سان شاديون ڪري چڪو آهي، جڏهن ته آنا ڊي آرمس اڳي هسپانوي اداڪار مارڪ ڪلوٽٽ سان شادي ڪئي هئي ۽ سندس نالو اداڪار بين ايفلڪ سان پڻ جوڙيو ويو هو.