آواز،تصويرن ۽ شخصيت جو غلط استعمال، اڪشي ڪمار عدالت پهچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور جوڙي اڀيشڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ کانپوءِ اداڪار اڪشي ڪمار به جعلي اي آءِ وڊيوز کان بچڻ لاءِ عدالت جو در کڙڪايو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اڪشي ڪمار پنهنجي آواز، تصوير ۽ شخصيت جي غلط استعمال خلاف ممبئي هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ”هڪ جعلي ٽريلر ۾ اڪشي ڪمار کي ڀارتي رياست اُترپرديش جي وڏي وزير يوگي آديته ناٿ جي ڪردار ۾ ڏيکاريو ويو، ان ٽريلر کي هٽائڻ کان اڳ 20 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو هو .“
ان کانسواءِ هڪ ٻي جعلي وڊيو ۾ اداڪار کي والمڪي سماج جي روحاني پيشوا مهارشي والمڪي بابت تڪراري بيان ڏيندي ڏيکاريو ويو، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ احتجاج شروع ٿي ويا.
اداڪار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس(اي آءِ ) پليٽفارمز تي ” اَي آءِ اڪشي ڪمار وي ٽو وائس “ نالي ٽول موجود آهي، جنهن ذريعي ڪو به لکت ۾ هدايتون ڏئي اداڪار جي حقيقي لهجي ۾ تقرير تيار ڪرائي سگهي ٿو.
ياد رهي ته ان کان اڳ اداڪارا ايشوريا راءِ، اڀيشڪ بچن، اميتاڀ بچن، رتيڪ روشن، ڪرن جوهر ۽ آشا ڀوسلي سميت ڪيئي مشهور شخصيتن به ڊيپ فِيڪ ۽ اي آءِ جي مدد سان تيار ڪيل جعلي مواد ۾ پنهنجي تصويرن ۽ وڊيوز جي غلط استعمال خلاف عدالتي تحفظ حاصل ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.