اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف (انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ) سان 7 ارب ڊالر جي اسٽاف ليول معاهدي دوران پاڪستان 6 ارب ڊالر ساليانو واپاري فرق ختم نه ڪري سگهيو.
آءِ ايم ايف سان 7 ارب ڊالر جي اسٽاف ليول معاهدي جي دوران حڪومت پاڪستان اڃا تائين انهن واپاري انگن اکرن ۾ موجود 6 ارب ڊالر ساليانو فرق ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جنهن سبب پاليسي سازن ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي.
ذريعن موجب، منصوبابندي واري وزارت جي انتظام هيٺ ڪم ڪندڙ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽڪس (پِي بِي ايس) اِهو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن 25 سيپٽمبر کان 8 آڪٽوبر 2025 تائين اسلام آباد جي دوري دوران مٿي ڄاڻايل معاملو اُٿاريو، جنهن کانپوءِ حڪومت تڙ تڪڙ ۾ نئين ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو.
سرڪاري دستاويزن موجب، نئين ڪميٽي ۾ پي بي ايس کي مرڪزي ڪردار ڏنو ويندو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۽ منصوبابندي واري وزارت جي انٽرنيشنل ٽريڊ ۽ فنانس جي سربراهن کي به شامل ڪيو ويندو.
منصوبابندي واري وزارت موقف اختيار ڪيو آهي ته واپاري رپورٽنگ جو نظام PRAL مان پاڪستان سنگل ونڊو (PSW) ڏانهن منتقل ٿيڻ سبب اهو فرق وڌي ويو.
جنرل اسٽيٽسٽڪس ايڪٽ 2011 تحت پي بي ايس قومي سطح تي سڀني شمارياتي معاملن جو واحد ريگيوليٽر آهي، جنهن کي واپاري ۽ مالياتي انگن اکرن جي نگراني، هم آهنگي ۽ تجزيي جا اختيار حاصل آهن.
ذريعن موجب، واپاري ڊيٽا ۾ فرق گذريل مالي سال ۾ 6 ارب ڊالر تائين پهتو، جڏهن ته گذريل پنجن سالن دوران مجموعي فرق 25 کان 30 ارب ڊالر تائين وڌي ويو آهي.
You might also like