چين طرفان پاڪ-افغان جنگبندي جي آجيان، ٽياڪڙي جي آڇ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين پاڪ-افغان جنگ بندي واري فيصلي آجيان ڪندي چيو آهي ته چين ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ مستقل بهتري لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ چين گڏيل برداشت، مڪمل ۽ ڊگهي عرصي واري جنگبندي جي حمايت ڪري ٿو.
پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تڪرار جي مستقل خاتمي جو مطالبو ڪندي گڏيل قومن جي افغانستان لاءِ امدادي مشن چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان کي شهري آبادي جي تحفظ لاءِ جنگ بند ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گذريل ڏينهن شروع ٿيل 48 ڪلاڪن واري جنگ بندي تي عمل جاري آهي ۽ امڪان آهي ته اها جنگب ندي سڀاڻي شام تائين جاري رهندي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن افغانستان ۾ طالبان ۽ فتنه الخوارج جي ٿاڪن تي پاڪستان جي ڪامياب ٽارگيٽڊ ڪارروائين کانپوءِ افغان طالبان جنگ بندي جي درخواست ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.