سنڌ حڪومت زراعت جي بحالي نٿي چاهي:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  پيپلز پارٽي چاھي ٿي ته سنڌ جا ماڻھو بيدار نه ھجن. ھاري ڪارڊ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا ويندا ۽ لکين ماڻھن کي فقير بنائي انھن جي توھين ۽ تذليل ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت ھارين کي خيرات بدران بنيادي حق ڏئي. ھارين ۽ مزدورن جي ٻارن کي اسڪالرشپ ڏئي اعلي تعليم جا موقعا ڏنا وڃن. پيپلز پارٽي حڪومت زراعت جي بحالي نٿي چاھي.هن چيو ته سنڌ ۾ جيڪي به وڏا فصل لھن ٿا انھن جا اگھه ڪيرايا وڃن ٿا. زرعي سڌارن سان سنڌ ۾ خوشحالي ۽ ترقي ايندي. ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ضلعي طرفان مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، ضلعي صدر نظير بليدي، بابو رفيق ميمڻ ۽ معشوق چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقي قاسم آباد ۾ وڌندڙ ڊينگي ۽ مڇرن جي آزار خلاف, پنھنجي مدد پاڻ تحت مڇر مار اسپري مهم جو باقاعدي آغاز ڪيو ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.