پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملائڻ واري حرڪت تي آسٽريلوي ڪرڪيٽرن جي ڀارتي ٽيم تي ٺٺول، وڊيو وائرل

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم طرفان پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملائڻ واري حرڪت تي آسٽريلوي رانديگرن ۽ سپورٽ اسٽاف ”ڀارتي ڪرڪيٽرز سان ڪيئن منهن ڏجي“ جي عنوان سان هڪ طنزيه وڊيو جاري ڪري ڇڏي.
جوش هيزل ووڊ، گلين ميڪسويل ۽ مچل مارش سميت ٻين رانديگرن جي اِها وڊيو اسپورٽس ويب سائيٽ (Kayo Sports) شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڀارتي ٽيم جي هٿ نه ملائڻ واري حرڪت تي ٺٺول ڪئي وئي .
آسٽريلوي ٽيم جي سپورٽ اسٽاف جو چوڻ هو ته ”هي (ڀارتي رانديگر) هٿ ته نٿا ملائن، پوءِ کين ڪنهن منهن ڏيجي ؟“ جنهن تي هيزل ووڊ طنزيه انداز ۾ چيو ته ”شوٽ ڪرڻ واري انداز بابت ڇا خيال آهي؟“
رپورٽن موجب، ڪجهه دير کانپوءِ ويب سائيٽ تان هٽائي وئي، پر هاڻي اِها مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
ياد رهي ته ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ 19 آڪٽوبر کان ون ڊي سيريز شروع ٿي رهي آهي، ڀارتي ٽيم ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ اڳوڻن ڪپتانن ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما جي واپسي ٿي رهي آهي، جڏهن ته نوجوان بيٽر شُڀمَن گِل پهريون ڀيرو هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي ملڪ جي قيادت ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.