اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن لميٽيڊ (پي ٽي سي ايل) جو چوڻ آهي ته سامونڊي ڪيبل ۾ لڳل ريپيٽر جي مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.
پي ٽي سي ايل موجب، سامونڊي ڪيبل ۾ لڳل ريپيٽر جي مرمت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس جي رفتار ۽ ڪنيڪٽيويٽي بحال ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته بين الاقوامي ڪيبل ڪنشور شيم 14 آڪٽوبر جي صبح مرمتي ڪم شروع ڪيو هو.
گذريل ڏينهن پي ٽي سي ايل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ شهرين کي انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو ويو هو.
You might also like