ننگرپارڪر (رپورٽ: زبير علي ڪنڀر) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ڊهه کاڙڪ ۾ پاڻي جي تلاءَ تان ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ 70 سالن جو مبارڪ کاڙڪ ۽ 50 سالن جو رانجهو کاڙڪ مارجي ويا، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا سخت زخمي ٿيا جن کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب، جهيڙو پاڻي کڻڻ لاءِ مشين لڳائڻ تان ٿيو، ٻنهي ڌرين بندوقن ۽ ڪهاڙين جو استعمال ڪيو. لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته اڃا ڪيس داخل نه ٿيو آهي. علائقي ۾ خوف ۽ ٻيهر جهيڙي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. زخمين ۾ هڪ ڌر جو منور، بابو ۽ غلام کاڙڪ، ٻي ڌر جا ڦل، مشتاق لياقت شامل آهن. گذريل هفتي اڳوڻي ضلعي ناظم ارباب انور فيصلو ڪري ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايو هو.