” توکي سُهڻي چوان ته اعتراض ته نه ڪندينءَ نه؟ “ اٽليءَ جي وزيراعظم سان ٽرمپ جي گفتگو وائرل

شرم الشيخ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اٽليءَ جي وزيراعظم جارجيا ميلوني جي واکاڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي.
سومر ڏينهن مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ غزا امن ٺاهه تي صحيحن کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سمورن اسلامي مُلڪن جي سربراهن جا ٿورا مڃيا جن غزا امن معاهدي کي ممڪن بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
ان موقعي تي آمريڪي صدر اطالوي وزيراعظم جارجيا ميلوني بابت ڳالهائيندي چيو ته”اڄ اسان جي وچ ۾ هڪ عورت آهي، هڪ نوجوان عورت، جنهن بابت مان عام طور ڪجهه نٿو چئي سگهان، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ ائين چوڻ سياسي ڪيريئر جي پڄاڻي سمجھيو ويندو آهي، هوءَ هڪ خوبصورت نوجوان عورت آهي۔ پر مان پنهنجي قسمت آزمايان ٿو.“
ان کانپوءِ هو پوئتي وريو ۽ اٽليءَ جي وزيراعظم جورجيا ميلوني (جيڪا شهباز شريف سان گڏ ٽرمپ جي پٺيان بيٺي هئي) جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ” جيڪڏهن مان توکي خوبصورت چوان ته ڪو اعتراض ته ناهي نه؟ ڇو جو تون واقعي خوبصورت آهين، تمام مهرباني جو تون هتي آئينءَ، اسان کي توهان جي قدر ڪريون ٿا.“
ٽرمپ تقريب موجود ماڻهن کي ٻڌايو ته ”ميلوني هتي اچڻ چاهي پئي “ ۽ اهو به چيو ته ”هوءَ هڪ شاندار عورت آهي ۽ اٽلي ۾ هن جي تمام گهڻي عزت ڪئي وڃي ٿي، هوءَ هڪ ڪامياب، نهايت ڪامياب سياستدان آهي “
ڪانفرنس دوران ترڪي جي صدر طيب اردگان، اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني ۽ فرانس جي صدر ايمانوئل مڪرون جي ملاقات جي هڪ وڊيو به وائرل ٿي آهي.
وڊيو ۾ اردگان، ميلوني کي چئي رهيو آهي ته ”توهان سگريٽ پيئڻ گهٽايو“، جنهن تي ٽئي ڄڻا کلڻ لڳن ٿا،۽ ميلوني وراڻي ٿي ته ”ها، بالڪل مون کي خبر آهي“ جنهن تي ميڪرون مرڪندي چيو ته ”اهو ته ناممڪن آهي“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.