لاهور(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا پهرين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن جو راند پڄاڻي تي پاڪستان جي 277 رنسن جي هدف جي جواب ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 51 رنسون ٺاهي ورتيون.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ پهريون ٽيسٽ لاهور ۾ جاري آهي، جتي پاڪستان پهرين اننگز ۾ 378 رنسون اسڪور ڪيون، جواب ۾ مهمان ٽيم 269 رنسون ٺاهي سگهي.
پاڪستاني ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ 167 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ مهمان ٽيم کي 277 رنسن جو هدف مليو.
هدف پٺيان ڊوڙندي ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ٽئين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تائين 2 وڪيٽن جي نقصان تي 51 رنسون ٺاهي چڪي آهي ۽ ان ميچ کٽڻ لاءِ وڌيڪ 226 رنسون گهربل آهن .
ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪپتان ايڊن مارڪر 3 رنسن تي نعمان علي جو پهريون شڪار بڻيو، جڏهن ته نعمان ويان مُلڊر کي به کاتو کولڻ بنا پويلين جو رستو ڏيکاريو، ريان رڪلٽن 29 ۽ ٽوني ڊي زورزي 16 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.
پاڪستان طرفان ٻئيا وڪيٽون نعمان علي حاصل ڪيون.
ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا خلاف راند جي ٽئين ڏينهن پاڪستان ٽيم پنهنجي ٻي اننگزز 167 رنسون ئي ٺاهي سگهي.
پاڪستان طرفان پهرين اننگز ۾ 93 رنسون ٺاهيندڙ اوپنر امام الحق هن ڀيري جلد ئي آئوٽ ٿي ويو، هو سيمون هارمر جي بال تي اڳتي نڪري کيڏڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿيو ۽ اسٽمپ ٿي ويو، جڏهن ته پهرين اننگز ۾ 76 رنسون ٺاهيندڙ ڪپتان شان مسعود رڳو 7 رنسون ٺاهي سگهيو.
پاڪستان جي ٽئين وڪيٽ 64 جي گڏيل اسڪور تي ڪِري، جتي عبدالله شفيق 41 رنسن تي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته 119 جي مجموعي تي بابراعظم 42 رنسن تي پويلين موٽيو.
ڪريز تي موجود سعود شڪيـل به گهڻي مزاحمت نه ڏيکاري ۽ 150 جي مجموعي تي 38 رنسن تي وڏي شاٽ کيڏڻ چڪر ۾ بائونڊري لائين تي ڪيچ ڏئي ويٺو، جنهن کان پوءِ وڪيٽن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
محمد رضوان به 14 رنسن تي بولڊ ٿي ويو، جڏهن ته رضوان کانپوءِ ايندڙ شاهين آفريدي به ڪجهه نه ڪري سگهيو ۽ 151 جي مجموعي تي کاتو کولڻ بنا پويلين واپس وريو.
ان کانپوءِ آغا سلمان 4، نعمان علي 11 ۽ ساجد خان هڪ رنس ٺاهي سگهيو، اهڙي ريت پوري ٽيم 167 جي مجموعي تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڏکڻ آفريڪا جي مٿوسومي هڪ ڀيرو ٻيهر ميچ ۾ پنج وڪيٽون ورتيون، سيمون هارمر چار، جڏهن ته ربادا هڪ وڪيٽ ورتي.
ا