چمن بارڊر تي افغان پناهگيرن جي واپسي، واپار ۽ اچ وڃ ٻئي ڏينهن به بند

چمن (م ڊ) چمن ۾ پاڪ افغان سرحد بابِ دوستي تي افغان پناهگيرن جي ڏيهه واپسي جو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عام اچ وڃ ۽ واپار ٻئي ڏينهن به مڪمل طور بند رهيو جڏهن ته ڇڪتاڻ کانپوءِ پاڪ فوج سرحد تي الرٽ آهي. ضلعي انتظاميا موجب افغان خاندانن کي صبح کان واپسي جي اجازت ڏني وئي، پر واپار، اميگريشن ۽ ويزا هيٺ اچ وڃ اڃا تائين معطل آهي. ڊپٽي ڪمشنر چمن حبيب بنگلزئي چيو آهي ته سرحدي علائقي ۾ عارضي رهائش، خوراڪ، پاڻي ۽ طبي سهولتن جو بندوبست ڪيو ويو آهي ته جيئن واپس ويندڙ خاندانن کي تڪليف نه ٿئي. هن ٻڌايو ته واپار ۽ اچ وڃ بند هجڻ سبب ٻنهي پاسي ٽرڪون ۽ سامان ڦاٿل آهي، جنهن سان واپارين کي مالي نقصان جو خدشو آهي. سڪيورٽي فورسز کي هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي ۽ علائقي ۾ امن امان جي صورتحال تي سخت نظر رکي پئي وڃي. سرڪاري انگن موجب بلوچستان مان هڪ لک پنجاهه هزار کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي واپس موڪليو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.