سنڌ ۾ ڪنهن شرارت ڪئي ته جواب ڏينداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته افغان ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ بعد ملڪ بدر ڪيو ويندو، جڏهن ته سهراب ڳوٺ ۾ پوليو خلاف هفتيوار مهم جاري آهي. جيڪڏهن پاڪستان ۽ افغانستان جي ڇڪتاڻ سبب ڪو به سنڌ ۾ شرارت ڪندو ته ان جو جواب ڏنو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته افغانستان سرحد تي حملو ڪيو جنهن جو جواب ملي ويو آهي، پر پوليو خلاف جنگ به جاري رهندي، خطرا هجن يا ڇڪتاڻ، مهم نه روڪي ويندي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته 13 کان 19 آڪٽوبر تائين هلندڙ مهم دوران هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي ويڪسين ڏني ويندي، جنهن ۾ 80 هزار صحت ڪارڪن ۽ 21 هزار سيڪيورٽي اهلڪار شامل آهن. هن چيو ته پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان انڪار ڪندڙ والدين لاءِ سيل قائم ڪيو ويو آهي، انهن سان آگاهي مهم ذريعي رابطو ڪيو ويندو. وڏي وزير زور ڏنو ته پوليو وائرس کي شڪست ڏيڻ سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.